ڪراچي ۾ ڪجهه ڏينهن کان جاري بد ترين لوڊشيڊنگ جي جاچ لاءِ نيپرا جي اعليٰ سطحي ٽيم ڪراچي پهچي وئي آهي

Nepra-10217

ڪراچي ۾ ڪجهه ڏينهن کان جاري بد ترين لوڊشيڊنگ جي جاچ لاءِ نيپرا جي اعليٰ سطحي ٽيم ڪراچي پهچي وئي آهي، نيپرا ٽيم شهر جي مختلف علائقن جو دورو ڪندي.

 گرميءَ جو آغاز ٿيندي ئي ڪي اليڪٽرڪ پاران سنڌ جي گادي واري شهر  ۾ جاري لوڊ شيڊنگ جو وقت وڌائڻ جو نيشنل اليڪٽرڪ پاور ريگولرٽي اٿارٽيءَ نوٽيس ورتو آهي.

نيپرا، ڪراچيءَ ۾ لوڊ شينڊنگ جي جاچ ڪرڻ لاءِ اعليٰ سطحي ٽيم ڪراچي موڪلي ڇڏي آهي.

ذريعن موجب نيپرا ٽيم سڀ کان اڳ ڪي اليڪٽرڪ جي مرڪزي آفيس جو دورو ڪندِي، جنهن کان پوءِ ٽيم ڪي اليڪٽرڪ جي جنريشن پلانٽ جو به دورو ڪندي.

ذريعن جو چوڻ آهي ته نيپرا جي ٽيم 13 اپريل تائين شهر ۾ موجود هوندي ۽  مختلف علائقن ۾ وڃي بجلي جي لوڊشيڊنگ جو جائزو وٺندي……….

پنهنجو رايو هتي ڏيو

Your e-mail address will not be published.
Required fields are marked*