مسلم ليگ نون اڳواڻ مريم نواز چيو آهي ته سازشون ڪندڙن کي هر جڳهه سازش نظر اچي رهي آهي

mariyam nawaz

مسلم ليگ نون اڳواڻ مريم نواز چيو آهي ته سازشون ڪندڙن کي هر جڳهه سازش نظر اچي رهي آهي، هاڻي ڀائرن کي هڪ ٻئي کان ڌار ڪرڻ جي سازش ٿي رهي آهي.

احتساب عدالت ٻاهران ميڊيا سان ڳالهائيندي مريم نواز چيو ته نون ليگ خلاف سڀئي سازشون ناڪام بڻايون وينديون.

هن چيو ته جيڪي ماڻهو اليڪشن ذريعي کٽي نٿا سگهن اهي عدالتن ذريعي نون ليگ کي ٻاهر ڪڍرائڻ چاهين ٿا.

مريم نواز  چيو ته ايندڙ اليڪشن ۾ نواز ليگ ڪاميابي حاصل ڪندي، مخالفن جون سازشون ناڪام ٿي وينديون.

پنهنجو رايو هتي ڏيو

Your e-mail address will not be published.
Required fields are marked*