متحده ڪارڪن صولت مرزا جا بليڪ وارنٽ جاري ڪرڻ لاءِ دهشتگردي ٽوڙ عدالت ۾ درخواست داخل ڪئي وئي

ڪراچي سينٽرل جيل اختيارين ڪي اي ايس سي جي اڳوڻي ايم ڊي شاهد حامد جي قتل ڪيس ۾ موت جي سزا ٻڌايل متحده ڪارڪن صولت مرزا جا بليڪ وارنٽ جاري ڪرڻ  لاءِ دهشتگردي ٽوڙ عدالت ۾ درخواست داخل ڪرائي ڇڏي آهي.

ڪراچي سينٽرل جيل جي  سپرينٽينڊنڊنٽ  اي ٽي سي ۾ درخواست داخل ڪرائيندي موقف اختيار ڪيو آهي ته شاهد حامد جي قتل ڪيس ۾ صولت مرزا کي 1998  ۾ موت جي سزا ٻڌائي وئي ۽ سپريم ڪورٽ توڙي ملڪ جي صدر سندس اپيلون رد ڪري ڇڏيون آهن.

جيل اختيارين پاران عدالت ۾ داخل ڪرايل درخواست ۾ استدعا ڪئي وئي آهي ته صولت مرزا کي ڦاهي ڏيڻ لاءِ فوري طور  سندس بليڪ وارنٽ جاري ڪيا وڃن.

ڪجهه وقت اڳ صولت مرز ا سميت 7 دهشتگردن جا بليڪ وارنٽ جاري ڪيا ويا هئا، جن مان 6 ڄڻن کي ڦاهي تي لٽڪايو ويو هو  پر صولت مرزا جي ڦاهي تي عمل روڪيو ويو هو.

پنهنجو رايو هتي ڏيو

Your e-mail address will not be published.
Required fields are marked*