سينيٽ اجلاس ۾ ايم ڪيو ايم پاران نائين زيرو تي ڇاپي خلاف واڪ آئوٽ ڪيو ويو

سينيٽ اجلاس ۾ ايم ڪيو ايم پاران نائين زيرو تي ڇاپي خلاف واڪ آئوٽ ڪيو ويو، متحده ميمبرز الزام هنيو آهي ته رينجرز ايم ڪيو ايم خلاف پارٽي بڻجي وئي آهي، جڏهن ڪو قانون لاڳو ڪندڙ ادارو پارٽي بڻجي وڃي ته انصاف نٿو ڪري سگهي، وزيراعظم ۽ آرمي چيف جنرل راحيل شريف واقعي جو نوٽيس وٺي جاچ ڪرائين.

سينيٽ جو اجلاس ڊپٽي چيئرمين صابر بلوچ جي صدارت هيٺ ٿيو، جنهن ۾ ايم ڪيو ايم ميمبرز پاران ڪراچي ۾ نائين زيرو تي رينجرز جي ڇاپي خلاف احتجاج ڪيو ويو.

ايم ڪيو ايم جي سينيٽر طاهر مشهدي چيو ته رينجرز نائين زيرو تي صبح جو 5 وڳي ڇاپو هڻي 100 کان وڌيڪ ڪارڪنن ۽ اڳواڻن کي گرفتار ڪيو ويو، هن الزام هنيو ته متحد جي هڪ ڪارڪنن کي فائرنگ ڪري قتل پڻ ڪيو ويو.

طاهر مشهدي چيو ته رينجرز 22 سالن کان ڪراچي ۾ ڪاروبار ڪري رهي آهي، رينجرز کي شهر ۾ طالبان، ڀتي خور ۽ ٽارگيٽ ڪلر نظر نٿا اچن، رڳو ايم ڪيو ايم خلاف ڪارروائي ڪئي پئي وڃي.

ايم ڪيو ايم سينيٽر نسرين جليل چيو ته اسان کي ايترو تنگ نه ڪيو وڃي جو نئون بنگلاديش ٺهي، نائين زيرو تي ڇاپو هڻڻ تي رينجرز خلاف ٺهراءُ پيش ڪيو وڃي.

نسرين جليل چيو ته رينجرز پاڻ کي ڪراچي ۾ خدا سمجهي رهي آهي ۽ ماڻهن جو قتل عام ڪيو پيو وڃي، اسان ايترا بيوقوف ناهيون جو نيٽو جا هٿيار پنهنجي آفيسن ۾ رکون.

ايم ڪيو ايم سينيٽر بابر غوري چيو ته ڪشمير ۾ ايترو ظلم ڀارتي فوج ناهي ڪندي، جيترو ظلم رينجرز ڪراچي ۾ ڪري رهي آهي، اڄ پاڪستان جي تاريخ جو ڪارو ڏينهن آهي.

بابر غوري چيو ته وزيراعظم نوٽيس وٺي جاچ ڪرائي ته سندن خلاف ڪارروائي اهڙي موقعي تي ڇو ٿي رهي آهي، جڏهن هن سينيٽ چيئرمين لاءِ رضا رباني جي حمايت ڪئي آهي.

ايوان ۾ خطاب بعد متحده جا ڪارڪن واڪ آئوٽ ڪري ويا، جنهن بعد پ پ ميمبرز به سندن حمايت ۾ واڪ آئوٽ ڪيو.

سينيٽ جي نامزد چيئرمين رضا رباني چيو ته سياسي پارٽين جو تقدس هوندو آهي، رينجرز وٽ ڏوهارين بابت اطلاع هئا ته ايم ڪيو ايم جي قيادت کي آگاهه ڪري ها.

سينيٽ اجلاس بعد ميڊيا سان ڳالهائيندي ايم ڪيو ايم اڳواڻن چيو ته رينجرز ايم ڪيو ايم خلاف پارٽي بڻجي وئي آهي، جڏهن ڪو قانون لاڳو ڪندڙ ادارو پارٽي بڻجي وڃي ته ان مان انصاف جي اميد نٿي ڪري سگهي.

ايم ڪيو ايم اڳواڻن چيو ته رڳو نائين زيرو نه پر الطاف حسين جي بيوهه ڀيڻ جي گهر تي به ڇاپو هنيو ويو، جيڪو مذمت جوڳو عمل آهي.

اڳواڻن وزيراعظم ۽ آرمي چيف کان مطالبو ڪيو ته واقعي جي جاچ ڪرائي وڃي ته ڪهڙا آفيسر فوج ۽ رينجرز جو نالو بدنام ڪري رهيا آهن.

پنهنجو رايو هتي ڏيو

Your e-mail address will not be published.
Required fields are marked*