نائن زيرو تي آپريشن ڏوهاري عنصرن خلاف آهي، ڊي جي رينجرز ميجر جنرل بلال اڪبر

ڊي جي رينجرز ميجر جنرل بلال اڪبر ڪراچي جو امن خراب ڪندڙن کي فوري طور گرفتار ڪرڻ جو حڪم ڏيندي چيو آهي ته نائن زير و تي آپريشن ڏوهاري عناصرن خلاف آهي ۽ ايم ڪيو ايم ڪارڪن وقاص رينجرز  جي فائرنگ ۾  ناهي مئو.

ڊي جي رينجرز پنهنجي بيان ۾ چيو آهي ته آپريشن ڪنهن مخصوص گروپ خلاف نه  پر ڏوهارين خلاف آهي.

هن رينجرز عملدارن کي حڪم ڏيندي چيو ته ڪراچي جو امن تباهه ڪندڙن کي گرفتار ڪيو وڃي ۽  شهرين کي ڪوبه  ڌمڪي ڏئي ته 1101 تي اطلاع ڏنو وڃي.

ڊي جي رينجرز چيو ته نائن زيرو تي آپريشن ڏوهاري عناصرن خلاف آهي.

هن چيو ته ايم ڪيو ايم جي ڪارڪن وقاص جو موت رينجرز جي فائرنگ سبب ناهي ٿيو.

ڊي جي رينجرز چيو وقاص جو موت 9 ايم ايم پسٽل سبب ٿيو آهي ۽ رينجرز پسٽل استعمال نه ڪندي آهي.

Comments

  1. SanJay Kumar
    SanJay Kumar 13 March, 2015, 05:52

    Ranjer ab nine_zeero ka case kis pa darj karege. Iltab pe ya farooq sattar pa.

    Reply this comment

Write a Comment

Your e-mail address will not be published.
Required fields are marked*