سنڌ اسيمبلي ۾ وي سيز، بورڊ چيئرمين جي مقرريءَ ۽ پاليسي وارا اختيار وڏي وزير حوالي ڪرڻ وارو بل ٻيهر اڪثريت راءِ سان منظور ڪيو ويو

sindh assembly

سنڌ اسيمبلي ۾ وي سيز، بورڊ چيئرمين جي مقرريءَ ۽ پاليسي وارا اختيار وڏي وزير حوالي ڪرڻ وارو بل ٻيهر اڪثريت راءِ سان منظور ڪيو ويو، مخالف ڌر  ميمبرن بل جي ڪندي ايوان مان واڪ آئوٽ ڪيو، نثار کهڙي ڪانٽريڪٽ تي ڀرتي ٿيل وٽرنري ڊاڪٽرن کي پڪو ڪرڻ وارو بل پيش ڪيو ، وڏي وزير مراد علي شاهه چيو ته يونيورسٽيون گورنر هائوس ۾ يرغمال بڻيل هيون، انهن کي گورنر هائوس مان ڪڍڻ چاهيون ٿا.

 اجلاس ۾ خطاب ڪندي وڏي وزير مراد علي شاهه چيو ته اهو تاثر غلط آهي ته بورڊ ۾ حڪومتي ميمبرن جي اڪثريت آهي، مخالف ڌر ليڊر کي ايڪٽ پڙهڻ گهرجي.

وڏي وزير مراد علي شاهه چيو ته پاڻي معاملي تي وفاق سنڌ سان ناانصافيون ڪري رهيو آهي.

 هن چيو ته سنڌ سان پاڻي  معاملي تي مسلسل ناانصافي ٿي رهي آهي،سنڌ کي پنهنجي حصي جو پاڻي ملڻ گهرجي.

مراد علي شاهه چيو ته سنڌ سان ٿيندڙ ناانصافين خلاف اپوزيشن کي سنڌ حڪومت جو ساٿ ڏيڻ گهرجي، سنڌ اسيمبلي هڪ اعليٰ فورم آهي.

مخالف ڌر اڳواڻ خواجا اظهار چيو ته هڪ جمهوري حڪومت اڄ يونيورسٽي ۽ بورڊن جي حوالي سان جيڪو بل پاس ڪرايو آهي، اهو غير جهموري آهي.

هن چيو ته گورنر جا اعتراض اهي هئا، جن بابت اسان تقريرون ڪيون هيون، سيد سردار احمد ۽ مان خط به لکيا هئا.

خواجا اظهار چيو ته داخلا پاليسي سان حڪومت جو ڪهڙو تعلق آهي، آءِ بي اي جهڙي اداري جي داخلا پاليسي حڪومت ڇو ٺاهي.

صوبائي وزير نثار کهڙي ڪانٽريڪٽ تي ڀرتي ٿيل وٽرنري ڊاڪٽرن کي پڪو ڪرڻ وارو بل پڻ ايوان ۾ پيش ڪيو.

نٿار کهڙي چيو ته حڪومت ڪانٽريڪٽ تي ڀرتي ٿيل ڊاڪٽرن کي پڪو ڪرڻ چاهي ٿي.

اجلاس ۾ پي ٽي آءِ  ميمبر خرم شير زمان پاران “سنڌ کي انصاف ڏيو، 10 سالن جو حساب ڏيو”  لکيل شرٽ پائي اچڻ تان پ پ  ۽ پي ٽي آءِ ميمبرن ۾ ڇڪتاڻ ٿي، خرم شير زمان سيٽ تي اٿي بيهي ڳالهائڻ جي ڪوشش ڪئي، جنهن تان اسپيڪر آغا سراج دراني کيس ڇنڊ پٽيندي ويهڻ لاءِ چيو.

پي ٽي آءِ ميمبر خرم شير زمان چيو ته ڪورٽ جي حڪم باوجود خانگي اسڪول انتظاميه گرمين جي موڪلن واري مهينن جي فيس اڳاڙي رهيون آهن.

تعليم واري صوبائي وزير ڄام مهتاب ڏهر چيو ته فيس واري معاملي بابت عدالت جيڪو حڪم ڏنو آهي ان تي عمل ڪرايو ويندو.

هن چيو ته تعليم کاتي ۾ 3 هزار 929 غيرحاضر استادن جون پگهارون بند ڪري کين وارننگ ڏني وئي آهي.

ڄام مهتاب ڏهر چيو ته تعليم کاتي ۾ هڪ هزار استاد مڪمل غيرحاضر آهن، جن جون پگهارون بند ڪيون ويون آهن.

هن چيو ته پنج سئو گوسڙو  استادن کي سبب ڄاڻايو نوٽيس جاري ڪيا ويا آهن،بائيو ميٽرڪ مشينون اسڪولن ۾ لڳل ناهن، پر عملي سان گڏ هونديون آهن.

Comments

  1. حسن ٿيٻو
    حسن ٿيٻو 14 April, 2018, 11:07

    سنڌ اسيمبلي مان يونيورسٽي بورڊ جو بل اڪثريت راءِ سان منظور ڪرڻ لاء ميمبرن کي کوڙ ساريون مبارڪون.ھاڻي گروپ انشورنس جو بل اڪثريت راءِ سان منظور ڪرڻ گھرجين

    Reply this comment

Write a Comment

Your e-mail address will not be published.
Required fields are marked*