سپريم ڪورٽ غير قانوني مقررين ۽ ترقين واري ڪيس ۾ عدالتي حڪمن تي عمل بابت سنڌ حڪومت کان رپورٽ طلب ڪري ورتي

سپريم ڪورٽ، غير قانوني مقررين ۽ ترقين واري ڪيس ۾ عدالتي حڪمن تي عمل بابت سنڌ حڪومت کان 15 ڏينهن اندر رپورٽ طلب ڪري ورتي آهي، سنڌ سرڪار عدالت کي آگاهي ڏني آهي ته پراڻن کاتن کي رپورٽ نه ڪندڙ مختلف کاتن جي 50 آفيسرن کي روپوش ڏنو ويو آهي.

چيف جسٽس، جسٽس ناصر الملڪ جي سربراهي ۾ سپريم ڪورٽ جي ٽـَي رڪني بينچ سنڌ ۾ غير قانوني ترقين ۽ مقررين بابت ڪيس جي ٻڌڻي ڪئي.

ٻڌڻيءَ دوران سنڌ حڪومت پاران سپريم ڪورٽ جي حڪمن تي رپورٽ پيش ڪئي وئي.

رپورٽ ۾ عدالت کي آگاهي ڏني وئي ته عدالتي حڪمن تي هٽايل 50 کاتن جي ملازمن کي روپوش قرار ڏنو ويو آهي ۽ روپوش قرار ڏنل آفيسرن ۾ اهي شامل آهن، جن پراڻي کاتن ۾ رپورٽ ناهي ڪئي.

چيف جسٽس ريمارڪس ڏنا ته عدالتي حڪمن تي عمل ناهي ٿيو، هٽايل آفيسرن کي ٻيهر مقرر ڪيو ويو آهي، 50 کان 60 اهڙا آفيسر آهن، جيڪي اڃا به مختلف کاتن ۾ موجود آهن.

عدالت، ڪيس جي ٻڌڻي 15 ڏينهن تائين ملتوي ڪندي  سنڌ حڪومت کي حڪم ڏنو ته سپريم ڪورٽ جي حڪمن تي عملدرآمد جي رپورٽ پيش ڪئي وڃي.

پنهنجو رايو هتي ڏيو

Your e-mail address will not be published.
Required fields are marked*