سري لنڪا ڪمار سنگاڪارا ۽ تلڪارتني دلشان جي شاندار سنچرين سبب اسڪاٽلينڊ جي ٽيم کي شڪست ڏئي ڇڏي

آسٽريليا ۽ نيوزيلينڊ جي ميزبان هيٺ جاري 11 هين ڪرڪيٽ ورلڊ ڪپ جي پول اي جي ميچ ۾ سري لنڪا ڪمارسنگاڪارا ۽ تلڪا رتني دلشان جي شاندار سنچرين سبب اسڪاٽلينڊ جي ٽيم کي هڪ طرفي مقابلي بعد شڪست ڏئي ڇڏي آهي.

آسٽريليا جي شهر هوبارٽ ۾ کيڏي ويل 11هين ڪرڪيٽ ورلڊڪپ جي 35 هين ميچ ۾ سري لنڪن ٽيم جي ڪپتان اينجلو ميٿيوز ٽاس کٽي پهرين بيٽنگ ڪرڻ جو فيصلو ڪيو، جيڪو صحيح ثابت ٿيو.

سري لنڪا جي پهرين وڪيٽ 21رنز تي ڪري، جنهن بعد ڪمار سنگاڪارا ۽ تلڪا رتني دلشان شاندار انداز سان بيٽنگ ڪندي وڪيٽ جي چوڌاري اسٽروڪس کيڏي مخالف ٽيم جي بالرز کي بيوس بڻائي ڇڏيو.

ڪمار سنگاڪار ون ڊي ڪرڪيٽ جي نئين تاريخ رقم ڪندي مسلسل چوٿين ون ڊي سنچري اسڪور ڪري نئون عالمي رڪارڊ جوڙي ورتو، جڏهن ته ڪمارسنگاڪارا ون ڊي ڪيريئر جي 25هين سنچري پڻ ٺاهي ورتي آهي.

ڪمار سنگاڪارا ميگا ايونٽ ۾ بنگلاديش جي ٽيم خلاف 105، انگلينڊ خلاف 117، آسٽريليا خلاف 104، جڏهن ته اڄ جي ميچ ۾ اسڪاٽ لينڊ خلاف 124رنز جي اننگ کيڏي.

ان کان اهو پهرين مسلسل ٽن ميچز ۾ ٽي سنچريون ٺاهڻ جو اعزاز پاڪستان جي ظهير عباس، سعيد انور ڏکڻ آفريڪا جي هرشل گبز، ڊي ڪڪ، ايب ڊي ويليئرز ۽ نيوزيلينڊ جي روز ٽيلر  کي حاصل هو ، جن ٽي لاڳيتو سنچريون اسڪور ڪيون.

ڪمار سنگاڪارا 95 بالن تي 13 چونڪن ۽4 ڇڪن جي مدد سان 124رنز رنز اسڪور ڪري ٽاپ اسڪورر رهيو، جڏهن ته تلڪا رتني دلشان 104 رنز اسڪور ڪري ون ڊي ڪرڪيٽ جي 22 هين سنچري ٺاهي آئوٽ ٿيو.

سري لنڪن ڪپتان اينجلو ميٿيوز 51 ۽ ڪشال پريرا 24 رنز جي اننگ کيڏي.

اسڪاٽلينڊ جي ٽيم پاران جوش ڊاوي 3، ايونز ۽برينگٽن 2-2 ،جڏهن ته ٽيلر۽ مچن هڪ-هڪ وڪيٽ حاصل ڪئي.

اسڪاٽ لينڊ جي ٽيم سري لنڪن ٽيم پاران ميچ کٽڻ لاءِ مليل 364 رنز جو ٽارگيٽ حاصل ڪرڻ ۾ ناڪام رهي.

اسڪاٽ لينڊ جي ٽيم پاران ڪوليمن 70، ڪپتان مومسن60، مچن 19رنز ٺاهي نمايابيٽسمين رهيا،جڏهن ته برينگٽن

سريلنڪن ٽيم پاران ڪلاسيڪارا 3، لسٿ ملنگا ۽ چاميرا 2-2، جڏهن ته دلشان ۽ٿسارا پريرا هڪ-هڪ وڪيٽ حاصل ڪري ٽيم جي ڪاميابي ۾ اهم ڪردار ادا ڪيو.

ڪمارسنگاڪارا کي شاندار سنچري اسڪور ڪرڻ تي مين آف دي ميچ جي ايوارڊ سان نوازيو ويو.

پنهنجو رايو هتي ڏيو

Your e-mail address will not be published.
Required fields are marked*