موٽرويز جي تعمير سان نه صرف سفري سهولتون فراهم ٿينديون پر دلين جا فاصلا به گهٽ ٿيندا، وزيراعظم نواز شريف

وزيراعظم نواز شريف چيو آهي ته موٽرويز جي تعمير سان نه صرف سفري سهولتون فراهم ٿينديون پر دلين جا فاصلا به گهٽ ٿيندا، ملڪي منصوبن کي مڪمل ڪرڻ لاءِ ٿر مان ايترو ڪوئلو ڪڍيو ويندو، جو ٻاهر کان ڪوئلو گهرائڻ جي ضرورت نه پوندي، پاڪ فوج پوري طاقت سان دهشتگردي خلاف جنگ وڙهي رهي آهي، ملڪ کي پر امن بڻائي ئي سک جو ساهه کنيو ويندو.

ڪراچي لاهور موٽروي جي پيڙهه جو پٿر رکڻ واري تقريب کي خطاب ڪندي وزيراعظم نواز شريف چيو ته ڪراچي سندس دل جي ويجهو آهي، منصوبي جو افتتاح ڪرڻ تي کيس ڏاڍي خوشي ٿي آهي.

 وزيراعظم چيو ته سندس خواهش هئي ته ٻين ملڪن جيان پاڪستان ۾ به موٽروي ٺهن ۽ صرف ڏيڍ سالن اندر ئي ن ليگ  جي حڪومت موٽروي تي ڪم شروع ڪري ڇڏيو آهي.

هن چيو ته بدقسمتي سان پاڪستان ۾ ترقي وارو سفر جاري نه رهيو، جنهن سبب اڄ اسان دنيا کان گهڻو پوئتي هليا ويا آهيون، ماضي جي غلطين مان سبق سکي کين سڌارا آڻڻ گهرجن.

پنهنجو رايو هتي ڏيو

Your e-mail address will not be published.
Required fields are marked*