ڪارو هرڻ شڪار ڪيس ۾ ضمانت تي آزاد بالي ووڊ سپر اسٽار سلمان خان کي عدالت فلم جي شوٽنگ لاءِ پرڏيهه وڃڻ جي اجازت ڏئي ڇڏي

salman-khan-11

ڪارو هرڻ شڪار ڪيس ۾ ضمانت تي آزاد بالي ووڊ سپر اسٽار سلمان خان کي عدالت فلم جي شوٽنگ لاءِ پرڏيهه وڃڻ جي اجازت ڏئي ڇڏي، سلمان خان پنهنجي ايندڙ فلم جي شوٽنگ لاءِ ڪينيڊا، نيپال ۽ آمريڪا ويندو.

 ڀارتي ميڊيا موجب سلمان خان جوڌپور جي سيشن ڪورٽ ۾ فلم جي شوٽنگ جي سلسلي ۾ پرڏيهه وڃڻ جي اجازت ڏيڻ لاءِ درخواست داخل ڪئي.

 سلمان خان عدالت کي درخواست ۾ استدعا ڪئي ته هن کي فلم جي شوٽنگ لاءِ مختلف ملڪن وڃڻو آهي ان لاءِ پرڏيهه وڃڻ جي اجازت ڏني وڃي.

عدالت درخواست منظور ڪندي سلمان خان کي 25 مئي کان 10 جون تائين پرڏيهه وڃڻ جي اجازت ڏئي ڇڏي آهي.

 واضح رهي ته جوڌپور جي عدالت پاران سلمان خان کي ڪارو هرڻ شڪار ڪيس ۾ 5 سال قيد سزا ٻڌايل آهي…….

پنهنجو رايو هتي ڏيو

Your e-mail address will not be published.
Required fields are marked*