آسٽريليا جو اڳوڻو ڪرڪيٽ ڪپتان رچي بينو جسم جي ڪينسر ۾ مبتلا ٿي ويو

آسٽريلوي ڪرڪيٽ ٽيم جو اڳوڻو ڪپتان ۽ نالي وارو ڪمنٽيٽر رچي بينو جسم جي ڪينسر جي موضي مرض ۾ مبتلا ٿي ويو آهي.

84 ورهين جو رچي بينو آسٽريليا جي هڪ مشهور ٽي وي چينل جي سيزن ڪوريج جي حوالي سان منعقد ٿيل هڪ تقريب ۾ شرڪت ڪئي.

تقريب ۾ اڳوڻو ٽيسٽ ڪرڪيٽر بل لاري ، اي اين چيپل، مارڪ نڪولس ، بريٽ لي ۽شين وارن شامل هئا.

رچي بينو ان موقعي تي ميڊيا سان ڳالهائيندي چيو ته ماڻهن کي گهرجي ته هو   پاڻ کي سج جي شديد گرمي کان بچايو۽ موسم جي حوالي سان ڪپڙا پايو.

رچي بينو وڌيڪ چيو ته جڏهن هو ننڍو  هوندو هوته ٽوپي جو استعمال نه ڪندو هو.

رچي بينو جو چوڻ هو ته کيس بيماري سبب رِيڊيو ٿراپي جي ضرورت پوندي آهي.

واضح رهي ته رچي بينوکي گذريل سال ڪار حادثو پيش آيو هو،جنهن سبب کيس سيني ۽ٻانهن ۾ رڌ رسيا هئا.

 

پنهنجو رايو هتي ڏيو

Your e-mail address will not be published.
Required fields are marked*