ٺٽو ڀرسان مڪلي باءِ پاس تي ٽرڪ ۽ ٽرالر ۾ ٽڪر جي نتيجي ۾ هڪ ڄڻو فوت ۽ 3 زخمي ٿي پيا

Accident-Road-27217

ٺٽو ڀرسان مڪلي باءِ پاس تي ٽرڪ ۽ ٽرالر ۾ ٽڪر جي نتيجي ۾ هڪ ڄڻو فوت ۽ 3 زخمي ٿي پيا.

مڪلي باءِ پاس تي سيمينٽ سان ڀريل ٽرڪ ۽ گاڏين سان ڀريل ٽرالر ۾ آمهون سامهون ٽڪر ٿي پيو، جنهن جي نتيجي ۾ خالد حسين فوت جڏهن ته نورسي خان، عامر ڀٽ ۽ حضرت شاهه زخمي ٿي پيا.

ريسڪيو ٽيمن حادثي واري هنڌان لاش ۽ زخمين کي سول اسپتال مڪلي منتقل ڪيو، جتان ڳڻتي جوڳي حالت هئڻ ڪري زخمين کي ڪراچي منتقل ڪيو ويو آهي.

سيمينٽ سان ڀريل ٽرڪ ڪراچي وڃي رهي هئي ته حادثو پيش آيو.

Comments

  1. Mohammad Ramzan
    Mohammad Ramzan 18 April, 2018, 14:34

    السلام علیکم

    Reply this comment

Write a Comment

Your e-mail address will not be published.
Required fields are marked*