باڊھ ۾ بارداڻي لاءِ فارم 7 ۽ فارم8 جو شرط لاڳو ڪرڻ خلاف ننڍن آبادگارن احتجاج ڪيو

badah

باڊھ ۾ بارداڻي لاءِ فارم 7 ۽ فارم8 جو شرط لاڳو ڪرڻ خلاف ننڍن آبادگارن احتجاج ڪيو.

 ننڍن آبادگارن بارداڻو نه ملڻ ۽ فارم جو شرط لاڳو ڪرڻ خلاف صحافين آڏو احتجاج ڪيو.

آبادگارن دانهيندي چيو ته باڙداني جي ورهاست روينيو کاتي وارن جي نگراني ۾ ڏني وئي آهي، جن وري فارم7 ۽ فارم 8 جو شرط رکي ڇڏيوآهي.

هنن چيو ته فارم واري شرط  سبب  ننڍا آبادگار بارداڻي کان محروم رهجي ويا آهن ۽ مايوسي جو شڪارآهن.

هنن گهر ڪئي ته بارداڻو اصل حقدارن کي ڏئي، بارداڻو وڪرو ڪندڙن خلاف سخت ڪاروائي ڪئي وڃي……..

پنهنجو رايو هتي ڏيو

Your e-mail address will not be published.
Required fields are marked*