چيف جسٽس، ميان ثاقب نثار ليڊي ريڊنگ اسپتال پشاور جو دور ڪيو، ڊاڪٽرن ۽شهرين شڪايتن جا انبار لڳائي ڇڏيا

peshawar cj visit

چيف جسٽس، ميان ثاقب  نثار ليڊي ريڊنگ اسپتال پشاور جو دور ڪيو، ڊاڪٽرن ۽شهرين شڪايتن جا انبار لڳائي ڇڏيا، چيف جسٽس چيو آهي ته بنيادي سهولتون فراهم ڪرڻ حڪومت جي ذميواري آهي، جيڪا پوري ناهي ڪري سگهي.

چيف جسٽس، ميان ثاقب نثار سپريم ڪورٽ لاهور رجسٽري ۾ ٻڌڻي ڪرڻ بعد الرازي ميڊيڪل ڪاليج ۽ ليڊي ريڊنگ اسپتال جو دورو ڪيو.

چيف جسٽس دوري دوران آءِ سي يو سيمت مختلف وارڊز جو به جائزو  ورتو ۽ مريضن کي  ملندڙ سهولتن جو معائنو به ڪيو.

دوري دوران ڊاڪٽرن ۽ شهرين چيف جسٽس آڏو شڪايتن جا انبار لڳائي ڇڏيا. ڊاڪٽرن چيو ته کين سهولتون فراهم نه پيون ڪيون وڃن ۽ وسيلن جي کوٽ آهي،

چيف جسٽس شهرين کان سوال ڪيو ته اوهان کي ڪو مسئلو نه آهي، شهرين جواب ڏنو ته خيبرپختونخواهه ۾ پنجن سالن دوران ڪا به تبديل نه آهي، اسپتالن ۾ کين سهولتون  فراهم نه پيون ڪيون وڃن. ……..

پنهنجو رايو هتي ڏيو

Your e-mail address will not be published.
Required fields are marked*