حيدرآباد ۾ جوابدار گهرو اڻبڻت تان فائرنگ ڪري ڀاڄائي کي قتل ڪري ڇڏيو، پوليس ڪارروائي ڪري جوابدار کي گرفتار ڪري ورتو آهي

Hyd-Map-11816

حيدرآباد  ۾ جوابدار گهرو اڻبڻت تان فائرنگ ڪري ڀاڄائي کي قتل ڪري ڇڏيو، پوليس ڪارروائي ڪري جوابدار کي گرفتار ڪري ورتو آهي.

 فقير جو پڙ واري علائقي ۾گهرو اڻبڻت تان جوابدار شهزاد فائرنگ ڪري مسمات صبا کي قتل ڪري ڇڏيو.

سٽي پوليس واقعي واري هنڌ پهچي جوابدار کي گرفتار ڪري لاڪپ ڪري ڇڏيو.

پوليس مقتولا عورت جو لاش سول اسپتال مان پوسٽ مارٽم ڪرائڻ بعد وارثن حوالي ڪري ڇڏيو.

ٻڌايو پيو وڃي مسمات صبا جو مڙس رمضان سان گهرو مسئلي تان جهيڙو ٿيو هو، جنهن کان پوءِ سندس ڏير شهزاد فائرنگ ڪري کيس  قتل ڪري ڇڏيو آهي.

پنهنجو رايو هتي ڏيو

Your e-mail address will not be published.
Required fields are marked*