پيپلزپارٽي جي چيئرمين بلاول ڀٽو زرداري چيو آهي ته پرويز مشرف پاڪستان اچي الزامن کي منهن ڇو نه پيو ڏئي

bilawal zardari

پيپلزپارٽي جي چيئرمين بلاول ڀٽو زرداري چيو آهي ته پرويز مشرف پاڪستان اچي الزامن کي منهن ڇو نه پيو ڏئي؟ پرويز مشرف منهنجي امڙ کي ڌمڪي ڏني، عدالت ۾ شاهد به پيش ڪيا، بينظير ڀٽو ڪيس ۾ ڊي اين اي کي نظر انداز ڪيو ويو، قانون تحت 2 هفتن ۾ فيصلو اچڻ بدران 10 سال لڳا، پيپلز پارٽي خانداني سياست جو رستو پنهنجي مرضي سان اختيار ناهي ڪيو.

برطانوي نشرياتي اداري کي انٽرويو ڏيندي بلاول ڀٽو زرداري چيو ته رياست کي چيلنج ڪندڙن ۽  اُن خلاف هٿيار کڻندڙن کي عسڪري طور منهن ڏيڻ گهرجي.

هن چي ته انتهاپسندي کي ختم ڪرڻ لاءِ تعليم، نصاب، پوليس ۽ عدليا ۾ سڌارا آڻڻ ضروري آهن

بينظير ڀٽو قتل ڪيس بابت بلاول ڀٽو زرداري چيو ته ملڪي تاريخ ۾ پهريون ڀيرو پاڪستان گڏيل قومن وٽ جاچ لاءِ ويو،

هن چيو ته پرويز مشرف کي امڙ جي قتل کان علاه بلوچستان جي اڳوڻي وڏي وزير جي قتل ڪيس ۾ به جوابدار قرار ڏنو ويو،

پيپلزپارٽي چيئرمين چيو ته قانون تحت انهيءَ ڪيس ۾  ٻن هفتي ۾ فيصلو اچڻ گهرجي ها پر ان ۾ ڏهه سال لڳايا ويا،

بلال ڀٽو زرداري چيو ته پيپلز پارٽي خانداني سياست جو رستو پنهنجي مرضي سان اختيار ناهي ڪيو…………

پنهنجو رايو هتي ڏيو

Your e-mail address will not be published.
Required fields are marked*