چيف جسٽس، ميان ثاقب نثار چيو آهي ته انصاف ڪرڻ ججز جي ذميواري آهي، انصاف توري ٿيڻ گهرجي

chief justis

چيف جسٽس، ميان ثاقب نثار چيو آهي ته انصاف ڪرڻ ججز جي ذميواري آهي، انصاف توري ٿيڻ گهرجي، هاڻ ڪنهن سان به ناانصافي نه ٿيندي، اڪيلو سمورا مسئلا حل نه ٿو ڪري سگهان،  1961 جو قانون تبديل هئڻ جي ذميوار سپريم ڪورٽ ناهي، اسان کي پنهنجو هائوس  ان آرڊر ڪرڻو آهي، جيڪڏهن غلطي ٿي آهي ته سچي دل سان معافي گهرڻ تي معاف ڪيو وڃي.

پشاور ۾ تقريب کي خطاب ڪندي چيف جسٽس چيو ته ڪيترائي ڀيرا ذڪر ڪري چڪو آهيان ته نظام ۾ تمام گهڻيون ڏکيائون آهن، جيڪڏهن 1961 جو قانون تبديل نه ڪيو ويو، عدالتون نه ٺاهيون ويون ۽ ججز نه ڏنا ويا ته ان جو ذميوار سپريم ڪورٽ ناهي.

چيف جسٽس چيو ته ڪيترائي ماڻهو اسان تي تنقيد ڪري رهيا آهن ته اسان فيصلا تمام جلد ۽ قانون موجب نه ڪري رهيا آهيون، اسان کي پنهنجو هائوس ان آرڊر ڪرڻو آهي، اڪيلي سر نطام کي درست نٿو ڪري سگها.

هن چيو ته مسئلا حل ڪرڻ سمورن ججز جي ذميواري آهي، جهڙي به صورتحال هوندي ان ۾ ڪم ڪرڻو آهي.

چيف جسٽس، ميان ثاقب نثار چيو ته بنيادي تبديلون ڪرڻيون آهن ۽ مان قانون ٺاهيندڙ نه پر ان تي عمل درآمد ڪرائڻ واروآهيان، جيڪي سهولتون فراهم ڪيون ويون آهن، انهن تحت ڪم ڪري رهيو آهيان .

چيف جسٽس چيو ته ڪيترن ئي ڪيسز تي اعتراض لڳايا ويا آهن، انهن ڪيسز کي ٻڌڻ يا نه ٻڌڻ بابت فيصلو ججز کي ڪرڻو هو، آفيس کي نه ، اهڙي ريت 225 پٽِشنون مون وٽ آيون، جن کي روزاني جي بنياد تي 10، 10 ڪري اڪلايون آهن……….

پنهنجو رايو هتي ڏيو

Your e-mail address will not be published.
Required fields are marked*