قومي اسيمبلي جي مخالف ڌر جي اڳواڻ خورشيد شاهه سان ق ليگ جي مرڪزي اڳواڻ چوڌري پرويز الاهي ملاقات ڪئي

khursheed shah

قومي اسيمبلي جي مخالف ڌر جي اڳواڻ خورشيد شاهه سان ق ليگ جي مرڪزي اڳواڻ چوڌري پرويز الاهي ملاقات ڪئي، جنهن دوران نگران وزيراعظم جي نالن تي مشاورت ڪئي وئي آهي.

اسلام آباد ۾  اپوزيشن ليڊر خورشيد شاهه ۽ ق ليگ جي مرڪزي اڳواڻ پرويز الاهي وچ ۾ ملاقات ٿي. جنهن دوران ٻنهي اڳواڻن وچ ۾ نگران وزيراعظم جي نالن تي مشاورت ڪئي وئي.

ق ليگ جي مرڪزي اڳواڻ پرويز الاهي چيو ته نگران وزيراعظم  بهتر شخص هئڻ گهرجي، اسان نالو ايترو جلدي نه ڏينداسين.

اپوزيشن ليڊر خورشيد شاهه چيو ته ڪوشش آهي ته 15 مئي ته نگران وزيراعظم جو نالو فائل ڪيو وڃي……

پنهنجو رايو هتي ڏيو

Your e-mail address will not be published.
Required fields are marked*