فريد آباد ۾ صفائي نظام بهتر نه هئڻ ۽ سڙي ويل ٽرانسفارمر تبديل نه ٿيڻ خلاف شهرين پاران چونڊيل نمائندن خلاف احتجاجي مظاهرو ڪيو ويو

fareeda bad safai

فريد آباد ۾ صفائي نظام بهتر نه هئڻ ۽ سڙي ويل ٽرانسفارمر تبديل نه ٿيڻ خلاف شهرين پاران چونڊيل نمائندن خلاف احتجاجي مظاهرو ڪيو ويو.

عبدالفتاح گائينچو، بابر چانڊيو ۽ فدا حسين چنا جي اڳواڻي ۾ شهرين فريد آباد ۾ سٽي گيٽ کان پريس ڪلب تائين احتجاجي ريلي ڪڍي.

احتجاج ڪندڙ شهرين چيو ته تڪ جي چونڊيل نمائندن پ پ ايم پي اي عبدالعزيز جوڻيجو ۽ ايم اين اي عمران ظفر لغاري شهر کي نظر انداز ڪري مڪمل طور تباهه ڪري ڇڏيو آهي.

هنن چتاءُ ڏنو ته جيڪڏهن شهر جا مسئلا حل نه ڪيا ويا ته احتجاجي تحريڪ شروع ڪئي ويندي.

پنهنجو رايو هتي ڏيو

Your e-mail address will not be published.
Required fields are marked*