اطلاعات کاتي جي صوبائي وزير ناصر حسين شاهه چيو آهي ته ڪي اليڪٽرڪ ۽ گئس وارو معاملو وفاقي حڪومت جو آهي

nasir shah

اطلاعات کاتي جي صوبائي وزير ناصر حسين شاهه چيو آهي ته ڪي اليڪٽرڪ ۽ گئس وارو معاملو وفاقي حڪومت جو آهي، عوام خاطر اسان کي احتجاج ڪرڻو پيو ته ڪنداسين.

سنڌ اسيمبلي ٻاهران ميڊيا سان ڳالهائيندي ناصر حسين شاهه چيو ته ڪي اليڪٽرڪ انتظاميه جي لاپرواهي سبب ڪراچي جو عوام عذاب ۾ مبتلا آهي.

هن چيو ته وفاقي حڪومت چاهي ته ڪي اليڪٽرڪ ۽ سوئي گئس واري معاملي کي آساني سان حل ڪري سگهي ٿي، جيڪا سندس ذميواري به آهي.

ناصر شاهه چيو ته مان نٿو سمجهان ته آغا سراج دراني ڪنهن به قسم جي غيرقانوني ڀرتين ۾ ملوث آهي.

پنهنجو رايو هتي ڏيو

Your e-mail address will not be published.
Required fields are marked*