چيف جسٽس، ميان ثاقب نثار چيو آهي ته اسان وٽ لاڳو ٿيل پراڻي قانون کي اپڊيٽ ڪرڻ مقننه جو ڪم آهي

cj char sadda

چيف جسٽس، ميان ثاقب نثار چيو آهي ته اسان وٽ لاڳو ٿيل پراڻي قانون کي اپڊيٽ ڪرڻ مقننه جو ڪم آهي، عدليه ڪيسز کي وقت سر نه اُڪلايو ته جيڪو ڪجهه حاصل ڪرڻ چاهيون ٿا، اهو حاصل نه ٿيندو، عدالتن ۾ التوا هيٺ پيل ڪيسن کي وقت سر اڪلائڻ لاءِ جج پنهنجو ڪم انجام ڏين، انصاف  جي  فراهمي ۾ دير انصاف جو قتل ڪرڻ برابر آهي.

چارسده ۾ جوڊيشل ڪمپليڪس جي اففتاحي تقريب کي خطاب ڪندي چيف جسٽس چيو ته الله اسان کي هڪ فرض سرانجام ڏيڻ جي فضيلت بخشي آهي، سمورن ماڻهن کي انهيءَ ڪمپليڪس جون واڌايون پيش ڪيان ٿا.

ادارا عمارتن سان نه پر شخصيتن سان ٺهندا آهن، ادارن ۾ عمارت رڳو هڪ نشاني هوندي آهي.

هن چيو ته علم، ليڊرشپ، جوڊيشل سسٽم ۽  ادارا به سٺي شخصيتن جي قدم کڻڻ سان ئي ترقي ڪندا آهن.

هن چيو ته ادارا عمارتن سان نه ٺهندا آهن، اهي شخصيتن سان ٺهندا آهن، دنيا ۾ قومون علم، ليڊرشپ، عدالتي نظام ۽ ادارن سان ترقي ڪنديون آهن،

چيف جسٽس چيو ته ايڊهاڪ ازم تي هلندڙ قومون ڪڏهن به ترقي نه ڪنديون آهن.

چيف جسٽس چيو ته ادارا ترقي جو هڪ مثال هوندا آهن وقت اچي ويو آهي ته هاڻي اسان کي عدليه کي ڊليور ڪرڻو پوندو، جيڪڏهن عدليه ڊليور نه ڪندي ته اسان شايد جيڪو حاصل ڪرڻ چاهيون ٿا اهو نه ڪري سگهون.

هن چيو ته اسان جا قانون تمام گهڻو پراڻا آهن، قانونن کي اپ ڊيٽ ڪرڻ پارليامينٽ جو ڪم آهي، اسان قانون کي اپ ڊيٽ نه ڪيو آهي،

چيف جسٽس چيو ته سڀ کان وڏو مسئلو آهي ته ماڻهن کي جلد انصاف نه ٿو ملي………….

پنهنجو رايو هتي ڏيو

Your e-mail address will not be published.
Required fields are marked*