گلوڪارا ميشا شفيع کان پوءِ وڌيڪ ٽن عورتن به ڳائڻي علي ظفر تي جنسي حراسان جو الزام لڳائي ڇڏيو

ali zafar

گلوڪارا ميشا شفيع کان پوءِ وڌيڪ ٽن عورتن به ڳائڻي علي ظفر تي جنسي حراسان جو الزام لڳائي ڇڏيو، علي ظفر پاران عدالت وڃڻ جو اعلان ڪيو ويو آهي.

گلوڪار ۽ اداڪار علي ظفر تي هراسان ڪرڻ جي الزامن جوسلسلو شروع ٿي ويو آهي، علي ظفر به جواب ڏيڻ لاءِ ميدان ۾ لهي پيو آهي.

سوشل ميڊيا تي پنهنجي پيغام ۾ ٽنهي عورتن گلوڪارا تي شرم جوڳيون حرڪتون ڪرڻ جي دعويٰ ڪندي چيو آهي ته ميشا شفيع خاموشي ٽوڙِي بهادري جو ڪم ڪيو آهي.

لاهور جي هڪ عورت ليڪچرار ماهم جاويد علي ظفر تي الزام لڳايو آهي ته ڪجهه سال اڳ گلوڪار زبردستي سندس سئوٽ جي ويجهو اچڻ جي ڪوشش ڪئي ۽ کيس ريسٽ روم به وٺي وڃڻ جي  ڪوشش ڪئي پر سندس دوستن ايئن نه ٿيڻ ڏنو.

شوبز اداڪارا ۽ ميڪ اپ آرٽسٽ لينا غني دعويٰ ڪئي ته ڪيترن ئي موقن تي علي ظفر اخلاق جي حد پار ڪري ڪريل ڳالهيون ڪيون.

لينا چيو ته هن علي ظفر جي حرڪتن کي نظر انداز ڪرڻ جي ڪوشش ڪئي پر هاڻ نٿو لڳي ته ان کي لڪايو وڃي ۽ سچائي ماڻهو سامهون اچڻ گهرجي.

هوڏانهن اداڪارا مايا چيو آهي ته ڪير صحيح آهي ۽ ڪير غلط آهي، مان علي ظفر کي رڳو هڪ سال کان سڃاڻي رهي آهيان، ساڻس وڌيڪ عرصو ناهي گذاريو.

اداڪارا مايا جو چوڻ آهي ته هميشه علي ظفر کي فيس ٽائيم تي پنهنجي گهرواري ۽ ٻارڙن سان ڳالهائيندي ڏٺو آهي، ڇاڪاڻ ته هو گذاريل پنهنجيون سموريون گهڙِيون پنهنجي ڪٽنب سان ونڊيندو  آهي.

ٻئي طرف ڳائڻي ميشا شفيع طرفان جنسي طور هراسان ڪرڻ جي الزامن کانپوءِ علي ظفر به ميدان تي اچي ويو آهي،

پنهنجي ٽوئيٽر اڪائونٽ تي جاري ڪيل بيان ۾ علي ظفر چيو آهي ته مان ميشا شفيع جي الزامن کي مڪمل طور رد ٿو ڪيان، مان ان معاملي کي عدالت ۾ وٺي وڃڻ جو ارادو رکان ٿو ۽ مسئلو حل ڪرڻ لاءِ سوشل ميڊيا تي ڪنهن جي به خلاف مهم هلائڻ بدران پروفيشنل طريقي سان حل ڪرڻ جي ڪوشش ڪندس،

هن چيو ته مان ڪنهن کي به ڏُک پهچائڻ جو ارادو نٿو رکان، منهنجو ان ڳالهه تي پختو يقين آ ته فتح سدائين سچ جي ٿيندي .

سماجي ڪارڪن ريحام خان به چيو آهي ته ميشا مون جيان راڪ اسٽار آهي، جيڪا شڪارين خلاف اٿي بيهندي آهي.

واضح رهي ته ريحام خان جنسي حراسان ڪرڻ خلاف هلندڙ “ مي ٽو” مهم جي حق ۾ وڌيڪ ٽوئيٽس ڪيا آهن……..

پنهنجو رايو هتي ڏيو

Your e-mail address will not be published.
Required fields are marked*