ڪراچي جي ميئر وسيم اختر ڪراچي ۾ صفائي نه ٿيڻ جو ذميوار سنڌ حڪومت کي قرار ڏيندي چيو آهي

waseem akhter lahore

ڪراچي جي ميئر وسيم اختر ڪراچي ۾ صفائي نه ٿيڻ جو ذميوار سنڌ حڪومت کي قرار ڏيندي چيو آهي ته ايندڙ عام چونڊن کانپوءِ اختيارن وارو معاملو حل ٿيڻ جو امڪان آهي.

ڪراچي جو ميئر وسيم اختر جي لاهور پهتو ته  مٿس گُلن جي ورکا سان آجيان ڪئي وئي،

لاهور جي ميئر جي دعوت تي پهتل وسيم اختر کي شهر اسپتالن جا دورا به ڪرايا ويا. جڏهن ته ڪراچي جي ميئر اقبال جي مزار تي حاضري به ڀري.

ان موقعي تي ميڊيا سان ڳالهائيندي وسيم اختر چيو ته اسان جي پارٽي سنڌ جي ٻي ۽ ملڪ جي چوٿين وڏي پارٽي آهي،

هن چيو ته ڪراچي جو معاملو هاڻي سوچڻ کان اڳتي نڪري چڪو آهي، هاڻي عملي ڪم ڪرڻ جي ضرورت آهي.

وسيم اختر چيو ته ڪي اليڪٽرڪ سامهون اسان احتجاج ڪيو، وزيراعظم، صدر ۽ پنجاب جو وڏو وزير بجلي جو بحران حل ڪن، عوام ڏکيائين جو شڪار آهي.

ڪراچي جي ميئر وسيم اختر چيو آهي ته اختيارن جي هيٺين سطح تي منتقلي ٿيڻ گهرجي جنهن تي عمل نه ٿي رهيو آهي، ميئر جي حيثيت ۾ مون وٽ ڪي به اختيار نه آهن………

پنهنجو رايو هتي ڏيو

Your e-mail address will not be published.
Required fields are marked*