غيرسرڪاري ماڻهن کي مليل پوليس گارڊز اڄ شام تائين واپس ڪيا ويندا، آءِ جي سنڌ اي ڊي خواجه چيو آهي

ad khuwaja

غيرسرڪاري ماڻهن کي مليل پوليس گارڊز اڄ شام تائين واپس ڪيا ويندا، آءِ جي سنڌ اي ڊي خواجه چيو آهي ته سنڌ جي ٻهراڙين ۾ شعور ۽ علم جي کوٽ سبب رت جا دريا وهن ٿا، پوليس آفيسر ۽ اهلڪار پنهنجو ڪردار ايترو بلند ڪن جو عوام کي ساڻن محبت ٿي.

نوابشاهه ۾ پوليس فيسليٽيشن سينٽر جي افتتاحي تقريب کي خطاب ڪندي اي ڊي خواجه چيو ته سنڌ ۾ غير سرڪاري ماڻهن کي مليل گارڊز اڄ شام تائين واپس ورتا ويندا.

هن چيو ته پوليس جو پيشو پيسو ڪمائڻ نه پر پيغمبرانه ڪم وارو پيشو آهي، عزت زبردستي حاصل نٿي ڪري سگهجي، اها بهترين ڪردار سان ملندي آهي.

آءِ جي سنڌ چيو ته پوليس فيسليٽيشن سينٽر سنڌ جي وڏي وزير سيد مراد علي شاهه جي سوچ جو نتيجو آهن، جيڪي سنڌ جي سمورن ڊويزنل هيڊ ڪوارٽرن ۾ کوليا ويندا.

اي ڊي خواجه چيو ته تمام جلد نوابشاهه ۾ به بين الاقوامي معيار جي فارنزڪ ليب قائم ڪئي ويندي.

هن چيو ته پوليس ۽ عوام جو تعلق اعتماد جو تعلق آهي، پوليس آفيسر ۽ اهلڪار پنهنجو ڪردار ايترو بلند ڪن جو عوام کي ساڻن محبت ٿيڻ لڳي.

آءِ جي سنڌ چيو ته پوليس فيسليٽيشن سينٽر ۾ سماج جي ستايل عورتن ۽ ٻارن کي به تحفظ فراهم ڪيو ويندو، جڏهن ته معاشري ۾ سٺي ساک رکندڙ ماڻهن تي مشتمل هڪ ڪميٽي جوڙي عوام جا مسئلا حل ڪيا ويندا.

تقريب کي ڪمشنر شهيد بينظير آباد غلام مصطفيٰ ڦل، ڊي آئي جي احمد يار چوهاڻ، ايس ايس پي ساجد امير سدوزوئي پڻ خطاب ڪيو.

پنهنجو رايو هتي ڏيو

Your e-mail address will not be published.
Required fields are marked*