اسلام آباد ۾ موسم جي خرابي سبب ڪيترين ئي اڏامن جو شيڊو متاثر ٿيو آهي، ملڪي ۽ پرڏيهي 8 اڏامون ملتوي ٿي ويون آهن

isb airport

اسلام آباد ۾ موسم جي خرابي سبب ڪيترين ئي اڏامن جو شيڊو متاثر ٿيو آهي، ملڪي ۽ پرڏيهي 8 اڏامون ملتوي ٿي ويون آهن، جڏهن ته 15 دير جو شڪار آهن،

موسم جي خرابي سبب بينظير انٽرنيشنل ايئرپورٽ تي  اڏامن جو شيڊول متاثر آهي، ملڪي ۽ بين الاقوامي 8 اڏامن جو شيڊول ملتوي ڪيو ويو آهي، جڏهن ته 15  اڏامون دير جو شڪار آهن.

اسڪردو کان اسلام ويندڙ اڏام به ملتوي  ڪئي وئي آهي،

موسم جي خرابي سبب اسلام آباد کان جده ويندڙ هڪ ۽ گلگت ويندڙ  2 اڏامون ملتوي ٿي ويون آهن.

‏اسلام آباد کان اسڪردو، ارمچي ۽ ڪابل ويندڙ اڏام به ملتوي ٿي وئي، جڏهن ته اسلام آباد کان ڪراچي ويندڙ 4 اڏامون دير جو شڪار آهن.

موسم جي خرابي سبب اسلام  آباد کان دبئي، ڪابل، پيرس، ملتان، رياض ۽ چترال ويندڙ اڏامون به دير جو شڪار آهن……

پنهنجو رايو هتي ڏيو

Your e-mail address will not be published.
Required fields are marked*