سنڌ اسيمبلي ۾ ملازمن جي پگهارن بابت سنڌ ايمپلائيز سوشل سيڪيورٽي ترميمي بل مخالف ڌر جي احتجاج باوجود اڪثريت راءِ سان منظور ڪيو ويو

sindh assembly

سنڌ اسيمبلي ۾ ملازمن جي پگهارن بابت سنڌ ايمپلائيز سوشل سيڪيورٽي ترميمي بل مخالف ڌر جي احتجاج باوجود اڪثريت راءِ سان منظور ڪيو ويو، اپوزيشن ميمبرن ڪراچي ۾ بجلي جي بحران خلاف نعريبازي ڪئي، پي ايس پي ميمبر سيف الدين خالد پاران لوڊشيڊنگ ختم نه ٿيڻ جي صورت ۾ رات سنڌ اسيمبلي ۾ گذارڻ جو چتاءُ ڏئي ڇڏيو.

صوبائي وزير نثار کهڙي پاران سنڌ ايمپلائيز سوشل سيڪيورٽي ترميمي بل ايوان ۾ پيش ڪيو ته مخالف ڌر سخت احتجاج ڪندي ايجنڊا جون ڪاپيون ڦاڙي ڇڏيون.

مخالف ڌر جي احتجاج باوجود ملازمن جي پگهارن بابت سنڌ ايمپلائيز سوشل سيڪيورٽي ترميمي بل اڪثريت راءِ سان منظور ڪيو ويو.

اسيمبلي اجلاس سومر تائين ملتوي ٿيڻ باوجود پي ايس پي ميمبر سيف الدين خالد پاڻي ۽ بجلي مسئلي جي حل لاءِ احتجاج طور ايوان ۾ ويٺل رهيو، جڏهن ته ملازمن اسيمبلي جون لائيٽون به بند ڪري ڇڏيون.

پي ايس پي ميمبر سيف الدين خالد چيو ته ڪراچي مان جيستائين پاڻي ۽ بجلي وارو مسئلو حل نه ڪيو ويندو، تيستائين ايوان اندر ويٺو هوندس.

سيف الدين خالد ان کان اڳ اجالس دوران احتجاج ڪندي اسپيڪر جي ڊائيس اڳيان ليٽي پيو، جنهن کي بعد ۾ اٿاريو ويو.

اجلاس ۾ مخالف ڌر جي احتجاج دوران اسپيڪر جي بار بار روڪڻ باوجود پي ٽي آءِ ميمبر خرم شيرزمان موبائيل وڊيو ذريعي رڪارڊنگ ڪندو رهيو.

اجلاس ۾ فنڪشنل ليگ ميمبر نصرت سحر عباسي ڌيان ڇڪايو نوٽيس تي ڳالهائيندي چيو ته خيرپور ضلعي ۾ مڪاني کاتي ۾ 192 جعلي ڀرتيون ڪيون ويون آهن.

مڪاني کاتي واري صوبائي وزير چيو ته 2013 کان نين ڀرتين تي پابندي آهي، جيڪڏهن ڪنهن ڀرتيون ڪيون آهن اهي جعلي آهن.

منظور وساڻ تي ڳالهائڻ تي نصرت سحر عباسي اعتراض ڪيو، جنهن کان پوءِ فنڪشنل ليگ ميمبر سعيد نظاماڻي ڪرسي تي چڙهي احتجاج ڪيو.

منظور وساڻ چيو ته فنڪشنل ليگ ايم ڪيو ايم لنڊن طرف وڃي رهي آهي، سچ ڳالهايان ٿو ته کين ڪاوڙ لڳندي آهي.

اسپيڪر آغا سراج دراني چيو ته فنڪشنل ليگ ميمبر سعيد نظاماڻي ڪرسي تي چڙهي ايوان جي بيحرمتي ڪئي آهي.

اسپيڪر آغا سراج دراني سعيد نظاماڻي کي چيو ته توهان بهتر ناچ ڪيو آهي، جتي سان ڪرسي تي چڙهي ويا آهيو.

اسپيڪر آغا سراج دراني رئوف صديقي سان دلچسپ جملو ڳالهائيندي ڪندي چيو ته توهان جي غيرحاضري سبب محفوظ يار توهان جي ڪرسي تي قبضي جي ڪوشش ڪئي آهي.

رئوف صديقي چيو ته اسپيڪر صاحب توهان کي سلام آهي جو منهنجي ڪرسي بچائي اٿئو، محفوظ يار هوندي مون کي ڪنهن دشمن جي ضرورت ناهي.

پنهنجو رايو هتي ڏيو

Your e-mail address will not be published.
Required fields are marked*