ڪراچي جي پاڪ ڪالوني ۾ رينجرز ڳجهي اطلاع تي ڪارروائي ڪري وڏي تعداد ۾ هٿيار هٿ ڪرڻ جي دعويٰ ڪئي آهي

thul rangers police

ڪراچي جي پاڪ ڪالوني ۾ رينجرز ڳجهي اطلاع تي ڪارروائي ڪري وڏي تعداد ۾ هٿيار هٿ ڪرڻ جي دعويٰ ڪئي آهي.

رينجرز ترجمان جاري ڪيل بيان ۾ چيو ته پاڪ ڪالوني جي علائقي گٽر باغيچي ۾ زمين ۾ پوريل هٿيار هٿيا ڪيا ويا آهن.

هن چيو ته هٿ ڪيل هٿيارن ۾ 3 شاٽ گن، 30 بور جا 4 پسٽل، هڪ نائين ايم ايم پسٽل، 46 عدد مختلف رائونڊز ۽ مختلف قسمن جا 7 عدد مئگزين شامل آهن.

رينجرز ترجمان چيو ته عوام کي دهشتگردي جي روڪٿام لاءِ قانون لاڳو ڪندڙ ادارن سان سهڪار ڪرڻ گهرجي.

پنهنجو رايو هتي ڏيو

Your e-mail address will not be published.
Required fields are marked*