سنڌ هاءِ ڪورٽ ايم ڪيو ايم ڪارڪنن جي گمشدگي خلاف درخواست تي ڳجهن ادارن کان رپورٽ طلب ڪري ورتي

سنڌ هاءِ ڪورٽ ڪراچي جي مختلف علائقن مان گرفتاري بعد گم ڪيل ايم ڪيو ايم جي پندرنهن ڪارڪنن جي گمشدگي خلاف درخواست تي ڳجهن ادارن کان 26 مارچ تائين رپورٽ طلب ڪري ورتي آهي.

سنڌ هاءِ ڪورٽ جي جسٽس احمد علي شيخ جي سربراهي ۾ ٻه رُڪني بينچ ايم ڪيو ايم ڪارڪنن جي گمشدگي خلاف درخواست تي ٻڌڻي ڪئي.

ٻڌڻي دوران پوليس عملدارن ڪارڪنن جي گرفتارين کان لاتعلقي ظاهر ڪئي، جنهن کانپوءِ عدالت ڳجهن ادارن کان رپورٽ طلب ڪندي ڪارروائي 26 مارچ تائين ملتوي ڪري ڇڏي.

ايم ڪيو ايم جو درخواست تي موقف آهي ته شهر جي مختلف علائقن مان 15 ڪارڪنن کي گرفتار ڪري گم ڪيو ويو آهي ۽ کين خدشو آهي ته انهن کي قتل ڪيو ويندو.

پنهنجو رايو هتي ڏيو

Your e-mail address will not be published.
Required fields are marked*