ڪي ٽي اين نيوز تي خبر نشر ٿيڻ جو ايم اين اي فريال ٽالپر نوٽيس وٺندي متاثر ڪٽنب جو علاج ڪرائڻ جو اعلان ڪري ڇڏيو

لاڙڪاڻي ۾ پيءُ ۽ ڌيءُ بيماري ۾ مبتلا هئڻ واري خبر ڪي ٽي اين نيوز تي نشر ٿيڻ جو ايم اين اي فريال ٽالپر نوٽيس وٺندي متاثر ڪٽنب جو علاج ڪرائڻ جو اعلان ڪيو آهي.

غريب آباد ۾ محلي ۾ اکين جي روشني کان محروم پورهيت وسيم سومرو ۽ سندس 4 ورهين جي نياڻي فاطمه جي دل جي سوراخ ۾ مبتلا هئڻ واري خبر جو فريال ٽالپر نوٽيس ورتو.

 فريال ٽالپر بيماري ۾ مبتلا پيءُ ۽ ڌيءُ جو پنهنجي خرچ تي علاج ڪرائڻ جو اعلان ڪيو، جنهن بعد ايم پي اي سهيل انور سيال ڪٽمب سان رابطو ڪري علاج جي خاطري ڪرائي.

ايم پي اي سهيل انور سيال جو چوڻ آهي ته محترمه  فريال ٽالپر جي هدايت موجب پورهيت ۽ ان جي نياڻي جو مڪمل علاج ڪرايو ويندو.

پنهنجو رايو هتي ڏيو

Your e-mail address will not be published.
Required fields are marked*