ننگر پارڪر ۾ امدادي ڪڻڪ نه ملڻ خلاف احتجاجي مظاهرو ڪيو ويو

ڏڪاريل ٿر ۾ عذائي کوٽ سبب وڌيڪ هڪ ٻارڙو  فوت ٿي ويو، جنهن بعد فوتين جو انگ وڌي 63 ٿي ويو آهي،  ننگر پارڪر ۾ امدادي ڪڻڪ نه ملڻ خلاف احتجاجي مظاهرو ڪيو ويو.

سول اسپتال مٺي ۾ ڳوٺ خانو واسي پورهيت رضا اوٺو جو تازو ڄاول ٻارڙو فوت ٿي ويو، جنهن بعد ڏڪاريل ٿر ۾ فوتين جو انگ وڌي 63 ٿي ويو آهي.

مٺي، ڇاڇرو، ننگرپارڪر، اسلام ڪوٽ ۽ ڏيپلي سميت ضلعي جي مختلف اسپتالن ۾ ڪيترائي  بيمار ٻارڙا داخل آهن، جيڪي گهٽ غذا ملڻ سبب ڪمزوري جو شڪار آهن.

ننگرپارڪر جي ڳوٺ سوراچند جي رهواسين امدادي ڪڻڪ نه ملڻ خلاف احتجاجي مظاهرو ڪري پريس ڪلب آڏو ڌرڻو هنيو.

مظاهرين چيو ته سرڪار پاران ڏڪار متاثرن لاءِ اعلانيل ڪڻڪ ڊيپو ڪيپر ۽ ڊيلر هڙپ ڪري ويا آهن، معاملي جي جاچ ڪرائي وڃي.

پنهنجو رايو هتي ڏيو

Your e-mail address will not be published.
Required fields are marked*