وزيراعظم نواز شريف پاران محمد صديق ميمڻ کي سنڌ جو نئون چيف سيڪريٽري بڻائڻ جي منظوري ڏئي ڇڏي

وزيراعظم ميان نوازشريف پاران  محمد صديق ميمڻ کي سنڌ جون نئون چيف سيڪريٽري بڻائڻ جي منظوري کانپوءِ سندس مقرري جو نوٽيفڪيشن جاري ڪيو ويو آهي.

وڏي وزير قائم علي شاهه گذريل هفتي چيف سيڪريٽري سجاد سليم هوتيانا تي بي اعتمادي جو اظهار ڪندي کيس هٽائڻ لاءِ وزيراعظم کي خط لکيو هو.

وڏي وزير پاران عهدي جي چارج ڇڏڻ جي هدايت باوجود سجاد سليم هوتيانا عهدي تي ڪم جاري رکيو، نيٺ وڏي وزير وفاقي سرڪار آڏو احتجاج به ڪيو.

هلندڙ هفتي سنڌ سرڪار ٻن ۽ وفاقي سرڪار ٽن ڪامورن جا نالا چيف سيڪريٽري جي عهدي لاءِ تجويز ڪيا، وزيراعظم سنڌ سرڪار جي پيش ڪيل نالن مان صديق ميمڻ کي چيف سيڪريٽري بڻائڻ جي منظوري ڏئي ڇڏي آهي، جنهن جو نوٽيفڪيشن  به جاري ڪيو ويو آهي.

پنهنجو رايو هتي ڏيو

Your e-mail address will not be published.
Required fields are marked*