پرڏيهي وزير خواجه آصف، چيني هم منصب سان ملاقات ڪئي

khuwaja asif

پرڏيهي وزير خواجه آصف، چيني هم منصب سان ملاقات ڪئي،  خواجه آصف ڪشمير صورتحال تي ڳڻتي جو اظهار ڪندي چيو آهي ته چين خطي جي مسئلن کي حل ڪرڻ لاءِ ڪردار ادا ڪري.

پرڏيهي وزير خواجا آصف چين پهچڻ بعد وفد جي صورت ۾ اسٽيٽ گيسٽ هائوس پهتو، جتي ، وانگ اي پاران سندن شاندار استقبال ڪيو ويو.

پرڏيهي وزير خواجا آصف جي وفد سان چيني هم منصب ملاقات ڪئي، جنهن دوران ٻه طرفن لاڳاپن سوڌو مختلف شعبن ۾ سهڪار وڌائڻ تي ڳالهيون ڪيون ويون.

ان موقعي تي خواجه آصف ڪشمير صورتحال تي ڳڻتي جو اظهار ڪندي چيو ته چين خطي جي مسئلن کي حل ڪرڻ لاءِ ڪردار ادا ڪري،

واضح رهي ته خواجه آصف شنگهائي سهڪاري تنظيم جي گڏجاڻي ۾ شرڪت ڪندو……

پنهنجو رايو هتي ڏيو

Your e-mail address will not be published.
Required fields are marked*