فيس بوڪ تي دوستي کانپوءِ چيني نوجوان فيصل آباد واسڻ شمع سان شاديءَ جي ٻنڌڻن ۾ ٻڌجي ويو

marry

فيس بوڪ تي دوستي کانپوءِ چيني نوجوان فيصل آباد واسڻ شمع سان شاديءَ جي ٻنڌڻن ۾ ٻڌجي ويو، شاديءَ جي تقريب ۾ چيني نوجوان ٻڌيَو جي گهرڀاتين به شرڪت ڪئي.

سرگوڌا جي چڪ 47 جي رهواسڻ شمع جي فيس بڪ تي چيني نوجوان ٻڌيو سان دوستي ٿي، جيڪا محبت ۾ تبديل ٿي وئي ۽ ٻنهي شادي جو فيصلو ڪري ورتو.

چيني نوجوان شادي جي لاءِ گذريل ڏينهن فيصل آباد پهتو، جتي هنن شادي ڪئي.

مقامي گرجا گهر ۾ شادي جون رسمون ادا ڪيون ويون،

ان موقعي تي ٻڌيو ۽ شمع جو چوڻ هو ته شادي ڪرڻ تي ٻئي ڄڻا تمام گهڻو خوش آهي،

واضح رهي ته گهوٽ کي چيني زبان کانسواءِ ٻي ڪا به ٻولي ڳالهائڻ نٿي اچي……….

پنهنجو رايو هتي ڏيو

Your e-mail address will not be published.
Required fields are marked*