وزيراعظم شاهد خاقان عباسي چيو آهي ته ڪي اليڪٽرڪ ۽ سوئي سدرن وچ ۾ معاملا حل ڪري ڇڏيا آهن، اڄ کان سوئي سدرن گئس ڪمپني

pm governer house

وزيراعظم شاهد خاقان عباسي چيو آهي ته  ڪي اليڪٽرڪ ۽ سوئي سدرن وچ ۾ معاملا حل ڪري ڇڏيا آهن، اڄ کان سوئي سدرن گئس ڪمپني، ڪي اليڪٽرڪ کي گئس فراهم ڪندي، هاڻي ڪراچي ۾ بجلي سان گڏ پاڻي به دستياب هوندو، بجلي جي بلز جي سئو سيڪڙو اوڳاڙي ٿيندي ته لوڊشيڊنگ به سئو  سيڪڙو ختم ٿي ويندي، جنهن سسٽم ۾ 40 سيڪڙو چوري هجي اهو ڪير ڀريندو؟.

گورنر هائوس ڪراچي ۾ توانائي بابت ڪابينا ڪميٽي جو اجلاس وزيراعظم شاهد خاقان عباسي جي صدارت هيٺ ٿيو، اجلاس ۾  وڏي وزير مرادعلي شاهه ، گورنر محمد زبير،توانائي واري وزير اويس لغاري، سوئي سدرن گئس ڪمپني ۽ ڪي اليڪٽرڪ جي عملدارن به شرڪت ڪئي.

 اجلاس کانپوءِ پريس ڪانفرنس ڪندي وزيراعظم چيو ته اجلاس ۾ ڪي اليڪٽرڪ ۽ سوئي سدرن وچ ۾ معاملا حل ڪري ڇڏيا آهن، اڄ کان سوئي سدرن گئس ڪي اليڪٽرڪ کي گئس فراهمي شروع ڪندي.

شاهد خاقان عباسي چيو ته ڪي اليڪٽرڪ کي پنهنجي گهرج مطابق گئس فراهم ڪئي ويندي، جنهن کانپوءِ ڪراچي ۾ بجلي سان گڏ پاڻي به دستياب هوندو.

هن چيو ته رهتن جي ادائگي واري ذميواري مفتاح اسماعيل کي ڏني آهي، پر سوال اهو آهي ته جنهن سسٽم ۾ 40 سيڪڙو چوري ٿئي پئي اهو ڪري ڀريندو.

شاهد خاقان عباسي چيو ته بجلي جي بلز جي سئو سيڪڙو اوڳاڙي ٿيندي ته لوڊشيڊنگ به سئو  سيڪڙو ختم ٿي ويندي.

وزيراعظم چيو ته پوليٽيڪل انجنيئر ناهيان پوليٽيڪل انجنيئرز کان سوال ڪيو.

پنهنجو رايو هتي ڏيو

Your e-mail address will not be published.
Required fields are marked*