اپوزيشن ليڊر خورشيد شاهه چيو آهي ته اڳ ئي چيو هو ته نوازشريف واپس ايندو، نوازشريف جو نالو اي سي ايل ۾ شامل ڪرڻ بابت سياست نه ڪئي وڃي

khursheed shah isb

اپوزيشن ليڊر خورشيد شاهه چيو آهي ته  اڳ ئي چيو هو ته نوازشريف واپس ايندو، نوازشريف جو نالو اي سي ايل ۾ شامل ڪرڻ بابت سياست نه ڪئي وڃي. ٽڪراءَ  واري سياست سان سسٽم ٽُڪرا ٽُڪرا ٿي ويندو.

اسلام آباد ۾ ميڊيا سان ڳالهائيندي خورشيد شاهه ٽڪراءُ جي نتيجن کان خبردار ڪندي چيو ته هر وقت پيغام ڏيندو آهيان ته ٽڪراءَ  واري سياست سان سسٽم ٽڪرا ٽُڪرا ٿي ويندو.

هن چيو ته سنڌ ۾ بجيٽ پيش ٿيندو، جيڪڏهن ڪي پي بجيٽ پيش نٿو ڪري ته پوءِ جولاءِ جا خرچ نٿا ڪري سگهون.

اپوزيشن ليڊر چيو ته حڪومت کي چيو هو ته مينڊيٽ 4 مهينن جو آهي، حڪومت تي دٻاءُ وجهنداسين ته اها 4 مهينن  جي مينڊيٽ کان اڳتي نه وڌي.

هن چيو ته حڪومت رڳو روزانو ٿيندڙ خرچن جي بجيٽ پيس ڪري. ايندڙ حڪومت آگسٽ مهيني جي بجيٽ ڏيندي.

سمورن سياستدانن جي سيڪيورٽي واپس وٺڻ واري معاملي تي خورشيد شاهه رد عمل ظاهر ڪندي چيو ته بي نظير جو واقعو ٿيو، بنياد اها ئي هئي ته پرويز مشرف سيڪيورٽي هٽائي ڇڏي هئي.

خورشيد شاهه چيو ته اسفند يار ولي، فضل الرحمان، تي حملا ٿيا، اسان کي به خطرو آهي، ڪجهه ٿي پيو ته ان جو ذميوار ڪير ٿيندو؟

خورشيد شاهه چيو ته اڳ ئي چيو هو ته نوازشريف واپس ايندو، جيڪا جنگ نوازشريف شروع ڪئي، جيڪڏهن هو لنڊن ويٺو ته پوءِ زيرو ٿيندو. نوازشريف جو نالو اي سي ايل ۾ شامل ڪرڻ بابت سياست نه ڪئي.

خورشيد شاهه چيو ته  دعا آهي ته منهنجي ڀيڻ ڪلثوم نواز جلد صحتياب ٿئي، هن جهوريت لاءِ ويڙهه ڪئي……..

پنهنجو رايو هتي ڏيو

Your e-mail address will not be published.
Required fields are marked*