نائن زيرو تي ڪارروائي گهڻو وقت اڳ ٿيڻ گهرجي ها، عمران خان

تحريڪ انصاف جي سربراهه عمران خان نائين زيرو تي ڇاپي جي آجيان ڪندي چيو آهي ته نائين زيرو تي اها ڪارروائي گهڻو اڳ ٿيڻ گهرجي ها، تحريڪ انصاف جي آفيس مان هٿيار ملن ها ته ان تي پابندي لڳي وڃي ها، جڏهن ته ايم ڪيو ايم کي الطاف حسين کان ڌار ٿيڻ گهرجي ۽ ايم ڪيو ايم جي هٿياربند ونگ کي به ختم ٿيڻ گهرجي، ان سان ملڪ خوشحال ٿي ويندو.

اسلام آباد ۾ نادرا چيئرمين سان ملاقات بعد ميڊيا سان ڳالهائيندي تحريڪ انصاف جي سربراهه عمران خان چيو ته نائين زيرو تي ڪارروائي گهڻو اڳ ٿيڻ گهرجي ها پر تنهن هوندي به ڪارروائي جي آجيان ڪيون ٿا.

هن چيو ته جيستائين ڪراچي ۾ دهشتگردي جو مسئلو موجود آهي، تيستائين فوجي عدالتون ضروري آهن.

هن چيو ته ملڪ ۾ ڪو به محفوظ نه آهي، جج انهن جا ٻار ۽ هر طبقي سان واڳيل ماڻهو غير محفوظ آهن.

عمران خان وڌيڪ چيو ته ايم ڪيو ايم پي ٽي آءِ اڳواڻ زهره شاهد کي قتل ڪيو، صحافي ولي بابر کي قتل ڪندڙ به واسطو ايم ڪيو ايم سان ظاهر ڪيو، ايم ڪيو ايم جي هٿياربند ونگ کي ختم ڪرڻ گهرجي ۽ ايم ڪيو ايم کي گهرجي ته اهي الطاف حسين مان جان ڇڏائين.

عمران خان وڌيڪ چيو ته ايم ڪيو ايم جي بي هٿيار ٿيڻ سان ملڪ خوشحال ٿي ويندو.

هڪ سوال جي جواب ۾ عمران خان چيو ته نادرا چيئرمين کيس اين اي هڪ سئو 22 جي رڪارڊ جي جاچ پڙتال هڪ مهيني اندر ڪرڻ جي خاطري ڪرائي آهي، جنهن بعد واضح ٿي ويندو ته سچ ڪير ڳالهائي رهيو آهي ۽ ڪوڙو ڪير آهي.

عمران خان وڌيڪ چيو ته ڪي پي ڪي ۾ مڪاني چونڊن بائيو ميٽرڪ سسٽم ذريعي ڪرائڻ جي خواهش آهي.

پنهنجو رايو هتي ڏيو

Your e-mail address will not be published.
Required fields are marked*