سياسي متڀيد کان مٿانهون ٿي ڏوهارين خلاف ڪارروائي ڪئي وڃي، ڪور ڪمانڊر ڪراچي جنرل نويد مختار

ڪور ڪمانڊر ڪراچي رينجرز هيڊڪوارٽر جو دورو ڪيو، جنهن دوران کيس ايم ڪيو ايم جي مرڪز تان هٿ آيل هٿيارن ۽ گرفتار جوابدارن بابت بريفنگ ڏيندي چيو آهي ته 26 جوابدارن مٿان اڳواٽ ئي ڪيسز داخل ٿيل آهن.

ڪورڪمانڊر ڪراچي ليفٽيننٽ جنرل نويد مختار پاڪستان رينجرز سنڌ جي هيڊڪوارٽر جو دورو ڪيو، جتي کيس بريفنگ ڏيندي ٻڌايو ويو ته نائين زيرو تي ڇاپو ڳجهن ادارن جي رپورٽ جي آڌار تي هنيو ويو.

رينجرز پاران نائين زيرو تان گرفتار ڪيل 27 جوابدارن کي به ڪورڪمانڊر آڏو پيش ڪيو ويو ۽ تفصيل ٻڌائيندي چيو ويو ته حراست ۾ ورتلن مان 26 ڄڻن مٿان ايف آءِ آرز اڳواٽ ئي داخل آهن.

ان موقعي تي ڪورڪمانڊر کي نائين زيرو ۽ ڀرپاسي مان هٿ ڪيل 5 جي ٿريز، 23 ڪلاشنڪوفز، 2 ايل ايم جيز، 8 ايم ايم جون 4 رائفلز، سيون ايم ايم جون 19 رائيفلز پيش ڪيو ويو.

ٽرپل ٽو  بور جون 3 رائفلز، 22 بور جون 25 رائفلز، هڪ ايم فور سنائيپر ۽ 14 ٽي ٽي پسٽل، 4 عدد نائين ايم ايم پسٽل به ڏيکاريا ويا.

نائين زيرو تان هٿ آيل 5 ٽيلي اسڪوپ سائيٽ، 36 واڪي ٽاڪيز، 2 بليٽ پروف جئڪٽس ۽ وڏي مقدار ۾ گوليون ۽ ڪارتوس به ڪورڪمانڊر کي ڏيکاريا ويا.

ڪورڪمانڊر ڪراچي رينجرز جي ڪردار جي واکاڻ ڪندي چيو ته سياسي متڀيد کان مٿانهون ٿي ڏوهارين خلاف ڪارروائي ڪئي وڃي ۽ ڪنهن سان به رعايت نه ڪئي وڃي.ڪ

پنهنجو رايو هتي ڏيو

Your e-mail address will not be published.
Required fields are marked*