ٽي وي، فلم ۽ اسٽيج جي ناليواري اداڪارا مديحه گوهر ڪينسر وگهي 62 ورهين جي ڄمار ۾ لاهور ۾ لاڏاڻو ڪري وئي

Madiha Gohar 9806  - 25418

ٽي وي، فلم ۽ اسٽيج جي ناليواري اداڪارا مديحه گوهر ڪينسر وگهي 62 ورهين جي ڄمار ۾ لاهور ۾ لاڏاڻو ڪري وئي،سندس جنازي نماز سڀاڻي لاهور ڪينٽ ۾ ادا ڪئي ويندي،

مديحا گور ناليواري ڊراما نويس، ڊائريڪٽر ۽ ليکڪ شاهد محمود نويد جي گهر واري هئي، هو گذريل ٽن سالن کان ڪينسر ۾ مبتلا هئي،

مديحا گوهر 1956ع ۾ ڪراچي ۾ پيدا ٿي، تعليم مڪمل ڪرڻ بعد کيس اداڪاري جو شوق ٿيو.

ملڪ ۾ ڪارو ڪاري جي رسم کي ڏسندي مديحا گوهر عورتن جي حقن لاءِ 1983 ۾ هڪ تنظيم اجوڪا به ٺاهي. جنهن پليٽ فارم تان عورتن کي حقن جي آگاهي لاءِ ٿيٽر به پيش ڪيا ويا.

مديحا گوهر اڄ 62 ورهين جي ڄمار ۾ ڪينسر وگهي فوت ٿي وئي، سندس جنازي نماز سڀاڻي شام سندس رهائشگاهه 24 سروس روڊ ڪينٽ ۾ ادا ڪئي ويندي.

پنهنجو رايو هتي ڏيو

Your e-mail address will not be published.
Required fields are marked*