ڪنڌڪوٽ ۾ بدامني ۽ 4 مغوي بازياب نه ڪرائڻ خلاف قومي عوامي تحريڪ جي سڏ تي شهرين پاران ايس ايس پي آفيس آڏو ڌرڻوهنيو ويو

khandkot

ڪنڌڪوٽ ۾ بدامني ۽ 4 مغوي بازياب نه ڪرائڻ خلاف قومي عوامي تحريڪ جي سڏ تي  شهرين پاران ايس ايس پي آفيس آڏو ڌرڻوهنيو ويو.

 سول سوسائٽي جي نمائندن،  ڪارڪنن ۽ ٻين شهرين وڪيل عبدالغني بجاراڻي، سجاد بروهي ۽ ٻين جي اڳواڻي ۾ ڪار اسٽينڊ کان ريلي ڪڍي.

شهرين پلي ڪارڊ،بينر ۽ جهنڊا کڻي ايس ايس پي آفيس آڏو ڌرڻو هڻي مين گيٽ بند ڪري ڇڏيو.

ان موقعي تي احتجاج ڪندڙن چيو ته ڪشمور – ڪنڌڪوٽ ضلعي ۾ بدامني وڌي وئي آهي، پوليس ڪو به ڪردار ادا نه ڪري رهي آهي.

هنن چيو ته سوا مهيني ۾4 ماڻهو اغوا ٿي چڪا آهن ۽ قتل ۽ ڦر جا واقعا معمول بڻجي ويا آهن، پر انتظاميا ڪو نوٽيس نه ورتو آهي.

هنن آءِ جي سنڌ ۽ چيف جسٽس کي اپيل ڪئي آهي ته بدامني جو نوٽيس وٺي امن قائم ڪرايو وڃي………..

پنهنجو رايو هتي ڏيو

Your e-mail address will not be published.
Required fields are marked*