سنڌ هاءِ ڪورٽ ڪرپشن ڪيس ۾ اطلاعات کاتي جي اڳوڻي صوبائي وزير شرجيل انعام ميمڻ ۽ ٻين جوابدارن جي ضمانت وارن درخواستن جي ٻڌڻي 2 مئي تائين ملتوي ڪري

sharjeel memon

سنڌ هاءِ ڪورٽ ڪرپشن ڪيس ۾ اطلاعات کاتي جي اڳوڻي صوبائي وزير شرجيل انعام ميمڻ ۽ ٻين جوابدارن جي ضمانت وارن درخواستن جي ٻڌڻي 2 مئي تائين ملتوي ڪري ڇڏي،شرجيل ميمڻ جي وڪيل دليلن ۾ چيو ته سينٽرل جيل ۾ گهربل طبي سهولتون موجود ناهن، شرجيل ميمڻ کي مستقل فزيو ٿراپي جي ضرورت آهي، تنهن ڪري سندس ضمانت منظور ڪئي وڃي.

جسٽس محمد اقبال ڪلهوڙي جي سربراهي ۾ ڊويزن بئنچ جوابدارن جي ضمانت وارن درخواستن جي ٻڌڻي ڪئي.

عدالت ۾ درخواستن جي ٻڌڻي دوران خانگي اشتهارن جي ڪمپنين جي وڪيلن پاران دليل مڪمل ڪيا ويا.

جوابدار عاصم انور جي وڪيل دليل ۾ چيو ته سندس موءڪل بيگناهه آهي، کيس بدنيتي جي بنياد تي ڪيس ۾ ملوث ڪيو ويو آهي.

خانگي اشتهاري ڪمپني جي سيد مسعود هاشمي جي وڪيل محمود عالم دليل مڪمل ڪندي چيو ته مسعود هاشمي تي 75 ملين خردبرد ڪرڻ جو الزام هنيو پيو وڃي.

هن چيو ته مسعود هاشمي 75 ملين واپس ڪرڻ لاءِ تيار آهي، پر هن ڪرپشن ناهي ڪئي.

شرجيل ميمڻ جي وڪيل ميڊيڪل گرائونڊ تي ضمانت لاءِ درخواست تي دليل ڏيندي چيو ته شرجيل ميمڻ چيلهه جي تڪليف ۾ مبتلا آهي، جيل ۾ گهربل طبي سهولتون موجود ناهن، تنهن ڪري سندس ضمانت منظور ڪئي وڃي.

عدالت رمارڪس ۾ چيو ته ٻڌايو وڃي ته جيل ۾ شرجيل ميمڻ کي ڪهڙي قسم جي طبي سهولتن جي ضرورت آهي.

شرجيل ميمڻ جي وڪيل دليلن ۾ چيو ته شرجيل ميمڻ کي مستقل فزيو ٿراپي جي ضرورت آهي، جيل ۾ گهربل طبي سهولتون موجود ناهن.

عدالت ايڊووڪيٽ جنرل سنڌ کي نوٽيس جاري ڪندي درخواست جي ٻڌڻي 2 مئي تائين ملتوي ڪري ڇڏي آهي.

پنهنجو رايو هتي ڏيو

Your e-mail address will not be published.
Required fields are marked*