لاهور هاءِ ڪورٽ اليڪشن ڪميشن کي نوٽيس جاري ڪندي 10 ڊسمبر تي طلب ڪري ورتو

لاهور هاءِ ڪورٽ، نواز ليگ، پيپلزپارٽي ۽ جـَي يو آءِ تي پابندي بابت درخواست تي ٽنهي پارٽين ۽ اليڪشن ڪميشن کي نوٽيس جاري ڪندي 10 ڊسمبر تائين جواب طلب ڪري ورتو آهي.

جسٽس منصور علي شاهه تي ٻڌل لاهور هاءِ ڪورٽ جي سنگل بينچ، تحريڪ انصاف لائيرز فورم جي اڳواڻ گوهر نواز سنڌو جي درخواست تي ٻڌڻي ڪئي.

درخواستگذار موقف اختيار ڪيو ته آئين تحت سموريون جماعتون انٽرا پارٽي اليڪشن ڪرائڻ جون پابند آهن پر ٽنهي جماعتن پارٽي اندر اليڪشن ناهي ڪرائي.

درخواستگذار جو چوڻ هو ته بلاول ڀٽو زرداري پيپلزپارٽي ۾ چونڊون ڪرائڻ کانسواءِ پ پ جو چيئرمين بڻجي ويو آهي، نواز شريف به بنا اليڪشن جي نواز ليگ جو صدر ٿيو آهي، جڏهن ته فضل الرحمان پنهنجي پارٽي اندر چونڊون ڪرايون ئي ناهن.

درخواستگذار عدالت کي استدعا ڪئي ته انٽرا پارٽي اليڪشن نه ڪرائڻ تي ٽنهي جماعتن تي پابندي لڳائي وڃي ۽ ٽنهي پارٽين کي چونڊ نشان پڻ الاٽ نه ڪيو وڃي.

عدالت، اهڙي درخواست تي نواز ليگ، پيپلزپارٽي، جي يو آءِ ۽ اليڪشن ڪميشن کي نوٽيس جاري ڪندي 10 ڊسمبر تائين جواب طلب ڪري ورتو آهي.

پنهنجو رايو هتي ڏيو

Your e-mail address will not be published.
Required fields are marked*