سپريم ڪورٽ اڳوڻي وزيراعظم نوازشريف ۽ وزيراعظم شاهد خاقان عباسي جي خلاف توهين عدالت درخواستون رد ڪري ڇڏيون

supreme court

سپريم ڪورٽ اڳوڻي وزيراعظم نوازشريف ۽ وزيراعظم شاهد خاقان عباسي جي خلاف توهين عدالت درخواستون  رد ڪري ڇڏيون. چيف جسٽس ريمارڪس ڏيندي چيو آهي ته نوازشريف جي نااهلي کانپوءِ شاهد خاقان عباسي نيب جي حوالي سان بيان ڏنو، جيڪا توهين عدالت  آهي.

سپريم ڪورٽ ۾ چيف جسٽس جي سربراهي ۾ اڳوڻي وزيراعظم نوازشريف ۽ وزيراعظم شاهد خاقان عباسي خلاف توهين عدالت درخواست تي ٻڌڻي ٿي.

درخواستگذار چيو ته نوازشريف جي نااهل ٿيڻ بعد شاهد خاقان عباسي عدليا خلاف بيان ڏنو، جنهن تي چيف جسٽس چيو ته وزيراعظم شاهد خاقان عباسي نيب ريفرنس بابت ڳالهايو هو.

چيف جسٽس چيو ته ڇا نيب ريفرنس بابت ڳالهائڻ تي توهين عدالت ٿئي سگهي ٿي؟

 عدالت، شاهد خاقان عباسي ۽ نوازشريف خلاف توهين عدالت جي درخواستن کي غير موثر قرار ڏئي رد ڪري ڇڏيو………..

پنهنجو رايو هتي ڏيو

Your e-mail address will not be published.
Required fields are marked*