مسلم ليگ ن جي صدر ۽ پنجاب جي وڏي وزير شهباز شريف چيو آهي ته زرداري ۽ نيازي عوامي خدمت جي جذبي کان عاري آهن

Shahbaz-sharif-Punjab-1817

مسلم ليگ ن جي صدر ۽ پنجاب جي وڏي وزير شهباز شريف چيو آهي ته زرداري ۽ نيازي عوامي خدمت جي جذبي کان عاري آهن. تبديلي جي علمبدارن خيبر پختوا جو نقشو بگاڙي ڇڏيو آهي.

پنهنجي جاري ڪيل بيان ۾ شهباز شريف چيو ته نام نهاد تبديلي جي نالي تي ڌرڻا هنيا ويا ۽ قوم جو وقت ضايع ڪيو ويو آهي.

هن چيو ته زرداري ۽ نيازي عوام خدمت جي جذبي کان عاري آهن، ٻنهي ڪي پي ۽ سنڌ ۾ عوام لاءِ ڪجهه نه ڪيو آهي.

شهباز شريف چيو ته روشين جي شهر ڪراچي جي خراب صورتحال ڏسي دل سڙي رهي آهي، مسلم ليگ ن پهرين ڏينهن کان عوامي خدمت کي پنهنجو اصول بڻايو آهي.

شهباز شريف چيو ته چيو ته تبديلي جي علمبدارن خيبر پختوا جو نقشو بگاڙي ڇڏيو آهي………

پنهنجو رايو هتي ڏيو

Your e-mail address will not be published.
Required fields are marked*