لاهور جي احتساب عدالت آشيانا هائوسنگ اسڪينڊل ڪيس جو فيصلو محفوظ ڪري ورتو آهي

lhr ashiyana

لاهور جي احتساب عدالت آشيانا هائوسنگ اسڪينڊل ڪيس جو فيصلو محفوظ ڪري ورتو آهي.

لاهور جي احتساب عدالت جي جج نجم الحسن آشينا هائوسنگ اسڪينڊل ڪيس جي ٻڌڻي ڪئي،

ٻڌڻي دوران جسماني ريمانڊ ختم ٿيڻ بعد اڳوڻو ڊي جي ايل ڊي اي احد چيما، شاهد شفيق سميت ٻِين جوابدارن کي عدالت ۾ پيش ڪيو ويو.

نيب جي جاچ آفيسر چيو ته احمد چيما آشينا هائوسنگ اسڪيم ۾ فراڊ ڪيو، احمد چيما اختيارن جو ناجائز استعمال ڪيو.

نيب جي جاچ آفيسر چيو ته شاهد شفيق جعلي دستاويزن ذريعي ڪانٽريڪٽ حاصل ڪيو، شريڪ جوابدارن به آشينا اسڪيم ۾ بي ضابگيون  ڪيون.

احتساب عدالت جاچ آفيسر جا دليل ٻڌڻ بعد آشينا هائوسنگ اسڪينڊل ڪيس تي فيصلو محفوظ ڪري ورتو………

پنهنجو رايو هتي ڏيو

Your e-mail address will not be published.
Required fields are marked*