انٽر ميڊيٽ بورڊز پاران يارهين ۽ ٻارهين ڪلاس جي سالياني امتحانن دوران مختلف مرڪزن تي ڪاپي جي ڌم متل آهي

jacobabd paper out

انٽر ميڊيٽ بورڊز پاران يارهين ۽ ٻارهين ڪلاس جي سالياني امتحانن  دوران مختلف مرڪزن تي ڪاپي جي ڌم متل آهي، جڏهن ته جيڪب آباد ۾وقت کان اڳ پرچو آئوٽ ٿي ويو.

جيڪب آباد ۾يارهين ڪلاس جي پيپر دوران مختلف سينٽرن تي ڪاپي جي ڌم متل رهي، موبائيل فون تي پابندي باوجود شاگرد واٽس ايپ جي مدد سان ڪاپي ٿيندي رهي.

 جڏهن ته صبح جو وقت کان اڳ پيپر پڻ  آئوٽ ٿي ويو.

 امتحاني سينٽرن ۾ شاگردن جي پيئڻ لاءِ صاف ۽ مٺي پاڻي جو بندوبست نه هجڻ ۽ بجلي بند هئڻ سبب شاگردن کي سخت ڏکيائين کي منهن ڏيڻو پيو………..

پنهنجو رايو هتي ڏيو

Your e-mail address will not be published.
Required fields are marked*