سنڌ جي گورنر محمد زبير چيو آهي ته دنيا جون نظرون پاڪستان تي آهن

governer khi

سنڌ جي گورنر محمد زبير چيو آهي ته دنيا جون نظرون پاڪستان تي آهن، اهڙيون پاليسيون ٺاهيون وڃن ، جنهن سان پرڏيهي سيڙپڪاري ملڪ اچڻ گهرجي.

ڪراچي ۾ تقريب کي خطاب ڪندي گورنر محمد زبير چيو ته بجيٽ ۾ مسئلن کان هٽي ڪري قدم کنيا وڃن، جنهن سان ڪاروباري ۽ معيشت جي ترقي ممڪن هجي.

هن چيو ته ڪراچي سميت ملڪ ۾ امن بحال ٿي چڪو آهي، سيڙپڪارن کي سهولتون ڏيڻ چاهيون ٿا.

گورنر محمد زبير چيو ته چين پاڪستان جو سٺو دوست  آهي، جنهن هر وقت پاڪستان جو ساٿ ڏنو آهي.

هن چيو ته 2011 ۾ اين ايف سي ايوارڊ جي ورهاست جو فارمولو طئي ڪيو ويو ، 2013 ۾ مجموعي طور 19 سئو 46 ارب روپيا ٽيڪس جمع ڪيو ويو هو.

گورنر محمد زبير چيو ته هلندڙ سال 4 هزار ارب روپيا ٽيڪس جمع ٿي آهي، ان ۾ وڌيڪ بهتري لاءِ قدم کڻي رهيا آهيون.

پنهنجو رايو هتي ڏيو

Your e-mail address will not be published.
Required fields are marked*