اسلام آباد هاءِ ڪورٽ وفاقي وزير خواجه آصف کي تاحيات نااهل قرار ڏئي ڇڏيو

Khuwaja-Asif-27517

اسلام آباد هاءِ ڪورٽ وفاقي وزير خواجه آصف کي تاحيات نااهل قرار ڏئي ڇڏيو ، عدالت، فيصلي جي ڪاپي اليڪشن ڪميشن تائين پهچائڻ جو به حڪم ڏيندي چيو ته خواجا آصف کي ڊي نوٽيفاءِ ڪيو وڃي.

اسلام آباد هاءِ ڪورٽ جي جسٽس اطهر من الله، جسٽس عامر فاروق ۽ جسٽس محسن اختر ڪياني تي ٻڌل ٽه رڪني لارجر بينچ پي ٽي آءِ جي اڳواڻ عثمان ڊآر جي درخواست تي  10 اپريل تي فيصلو محفوظ ڪيو هو.

اسلام آباد هاءِ ڪورٽ جي بئنچ جي سربراهه جسٽس اطهر من الله، خواجا آضف جي نااهلي بابت درخواست تي فيصلو پڙهي ٻڌايو،

عدالت محفوظ ڪيل فيصلو ٻڌائيندي پرڏيهي وزير خواجه آصف کي 62 ون ايف تحت نااهل قرار ڏئي ڇڏيو.

عدالت فيصلي جي ڪاپي اليڪشن ڪميشن کي ڏيڻ جو حڪم ڏيندي چيو ته خواجه آصف کي ڊي نوٽيفاءِ ڪيو وڃي.

واضح رهي ته درخواستگذار موقف اختيار ڪيو هو ته خواجا آصف پنهنجي نامزدگي فارمن ۾ سمورا اثاثا ظاهر نه ڪيا ۽ غلط بياني ڪئي.

درخواستگذار چيو ته خواجا آصف صادق ۽ امين ناهي رهيو، جنهن سبب کيس نااهل قرار ڏنو وڃي……….

پنهنجو رايو هتي ڏيو

Your e-mail address will not be published.
Required fields are marked*