سجاول ڀرسان مبينا لڄالٽ جو نشانو بڻيل نينگري جو 16 ڪلاڪ گذرڻ باوجود ميڊيڪل چيڪ اپ نه ٿي سگهيو آهي

sujawal map

سجاول ڀرسان مبينا لڄالٽ جو نشانو بڻيل نينگري جو 16 ڪلاڪ گذرڻ باوجود ميڊيڪل چيڪ اپ نه ٿي سگهيو آهي، تعلقي اسپتال سجاول ۾ نينگري کي 9 ڪلاڪ انتظار ڪرائڻ باوجود ڪا به ليڊي ڊاڪٽر چيڪ اپ لاءِ نه آئي، پوليس، نينگري کي چوهڙ جمالي رورل هيلٿ سينٽر تي پهچائي ڇڏيو آهي، جتي به ميڊيڪل چيڪ اپ نه ٿي سگهيو آهي.

سجاول ويجهو ڳوٺ حاجي اشرف اوٺو ۾ جوابدارن علي حسن ۽ يعقوب اوٺو پورهيت رمون اوٺو جي گهر ۾ گهڙي سندس 15 سالن جي نينگري سان اجتماعي لڄالٽ ڪئي هئي.

پوليس نينگري جي پيءُ جي فرياد تي ڪيس داخل ڪري ٻنهي جوابدارن کي گرفتار ڪري نينگري کي تعلقي اسپتال سجاول پهچايو جتي 9 ڪلاڪ گذرڻ باوجود ليڊي ڊاڪٽر نه پهتي جنهن ڪري سندس ميڊيڪل چيڪ اپ نه ٿي سگهيو.

بعد ۾ پوليس، نينگري کي چوهڙ رورل هيلٿ سينٽر پهچايو، جتي به ليڊي ڊاڪٽر ڊيوٽي تي نه اچڻ ڪري سندس ميڊيڪل چيڪ اپ ناهي ٿي سگهيو.

پنهنجو رايو هتي ڏيو

Your e-mail address will not be published.
Required fields are marked*