فيض گنج ۾ لاڙڪاڻي جي صائمه جروار جي اغوا بعد قتل واري واقعي جا جوابدار گرفتار نه ٿيڻ خلاف سول سوسائٽي طرفان احتجاجي مظاهرو ڪيو ويو

faiz ganj

فيض گنج ۾ لاڙڪاڻي جي صائمه جروار جي اغوا بعد قتل واري واقعي جا جوابدار گرفتار نه ٿيڻ خلاف سول سوسائٽي طرفان احتجاجي مظاهرو ڪيو ويو.

 عبدالباقي شر، ڪامريڊ مرتضيٰ، جنيد چانگ، خادم شر ۽ ٻين  هٿن ۾ پلي ڪارڊ کڻي مک چوڪ تي احتجاجي مظاهرو ڪيو.

ان موقعي تي احتجاج ڪندڙن چيو ته صائمه جروار واقعي کي ٽي ڏينهن گذري ويا آهن، پر اڃان تائين جوابدارن کي گرفتار نه ڪيو ويو اهي.

هنن مطالبو ڪيو ته واقعي ۾ ملوث سمورا جوابدار گرفتار ڪري کين سخت سزا ڏني وڃي…………

پنهنجو رايو هتي ڏيو

Your e-mail address will not be published.
Required fields are marked*