نئين ديري ۾ درگاهه حسينيه جي سيد حسين شاهه بخاري خلاف سوشل ميڊيا تي پروپيگنڊا خلاف مريدن طرفان احتجاجي مظاهرو ڪيو ويو

nuedero

نئين ديري ۾ درگاهه حسينيه جي سيد حسين شاهه بخاري خلاف سوشل ميڊيا تي پروپيگنڊا خلاف مريدن طرفان احتجاجي مظاهرو ڪيو ويو.

حسيني جماعت جي ڪارڪنن۽ مريدن عبدالله حسيني، فقير عبدالرزاق۽ ٻين جي اڳواڻيءَ ۾ جهنڊا ۽ بينر کڻي احتجاجي ريلي ڪڍي ٿاڻي آڏو ڌرڻوهنيو.

ان موقعي تي اڳواڻن چيو ته سوشل ميڊيا تي سيد حسين شاهه جا غلط خاڪا پيش ڪري بي ادبي ڪئي پئي وڃي.

  هنن مطالبو ڪيو ته سوشل ميڊيا تي بي ادبي ڪندڙ۽  غلط خاڪا رکندڙن خلاف ڪارروائي ڪئي وڃي، ٻي صورت ۾ سخت احتجاج ڪيو ويندو………

پنهنجو رايو هتي ڏيو

Your e-mail address will not be published.
Required fields are marked*